آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي کي لبنان ۾ جاري اسرائيلي حملن سبب سخت خطرا ٿي ويا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو کي لغام ڏيڻ جو مطالبو تيزي سان وڌي رهيو آهي۔
الجزيره جي هڪ خاص رپورٽ ۾ بين الاقوامي شهرت رکندڙ تجزيه نگارن ۽ ماهرن جي راءِ شايع ڪئي وئي آهي۔
رپورٽ موجب تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسرائيل لبنان ۾ پنهنجون فوجي ڪارروايون بند نه ڪيون ته سڄو سفارتي عمل متاثر ٿي سگهي ٿو۔
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته معاهدي ۾ واضح طور تي لبنان سميت سڀني محاذن تي فوجي ڪاررواين جي مستقل خاتمي جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پر اسرائيل لبنان ۾ حملا جاري رکيو پيو اچي ۽ وڌيڪ علائقن تي قبضي جو اشارو به ڏئي رهيو آهي۔
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ لبنان سميت سڀني محاذن تي مڪمل جنگبندي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ امن عمل کي اڳتي وڌڻ ڏنو وڃي۔
ٻئي پاسي ايران سخت موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته لبنان تي حملا جاري رهڻ جي صورت ۾ معاهدي کي حتمي شڪل نٿي ڏئي سگهجي۔
تازن اسرائيلي حملن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي شهادت کان پوءِ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٽيڪنيڪل ڳالهين کي به ملتوي ڪيو ويو آهي. ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن لبنان تي بمباري جاري رهي ته اسرائيل کي سخت ردعمل جو منهن ڏسڻو پوندو۔
تجزيه نگار تريتا پارسي موجب لبنان جو معاملو آمريڪا-ايران معاهدي جي سڀ کان وڏي ڪمزوري ۽ اهم امتحان آهي، ڇو ته ايران لبنان ۾ جنگبندي ۽ اسرائيلي انخلا جي مطالبن تي سنجيده آهي۔
ٻئي پاسي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس به اسرائيل تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته بيروت ۾ شهري علائقن تي حملا قابلِ قبول ناهن۔
هن اشارو ڏنو ته آمريڪا، اسرائيل سان اختلافن جي باوجود، امن عمل کي نقصان پهچڻ نه ڏيندو۔
رپورٽ موجب ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ واقعي معاهدي کي ڪامياب بڻائڻ چاهي ٿو ته کيس صرف بيان نه پر عملي طور اسرائيل تي دٻاءُ به وجهڻو پوندو، جيئن لبنان ۾ فوجي ڪارروايون روڪي سگهجن۔