ڊي ايڇ اي ۾ ڪمرشل پلاٽ خريداري ۾ فراڊ واري معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ 21 سال پراڻي اپيل تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي۔
عدالت هرجاڻي جي رقم 50 لک رپين مان وڌائي 15 ڪروڙ رپيا ڪري ڇڏي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته ريئل اسٽيٽ ڪمپني ۽ موجوده خريدار گڏجي اها رقم ادا ڪن۔
درخواستگذار جي وڪيل موجب 1997 ۾ پلاٽ جي خريداري لاءِ 43 لک رپيا ادا ڪيا ويا هئا، پر مڪمل ادائيگي جي باوجود اهو پلاٽ ٻئي شخص جي نالي منتقل ڪيو ويو۔
عدالت چيو تہ رڪارڊ مان ثابت ٿئي ٿو ته جاري ڪيل پي آرڊر معاهدي ۾ قيمت طور استعمال ڪيو ويو هو، جڏهن ته پلاٽ جي موجوده خريدار ادائيگي بابت ڪو به دستاويزي ثبوت پيش نه ڪري سگهيو۔
سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فريادي تقريباً 3 ڏهاڪن تائين پنهنجي سرمائي ۽ ان جي فائدن کان محروم رهيو۔
عدالت وڌيڪ چيو ته ڊفينس ۾ ڪمرشل پلاٽن جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ٿي چڪي آهي، تنهنڪري صرف اصل رقم يا معمولي هرجاڻي جي ادائيگي سان انصاف جون گھرجون پوريون نٿيون ٿين.
عدالت حڪم ڏنو ته هرجاڻي جي رقم تي 1998 کان 15 سيڪڙو سالياڻو مارڪ اپ به ادا ڪيو ويندو۔