بالي ووڊ جو بي تاج بادشاهه “بگ بي” اميتاڀ بچن انڪشاف ڪيو آهي ته ڪم جي دٻاءَ سبب هن عمر ۾ به هو رات جو ننڊ مان اٿي وڃي ٿو ۽ ڪيترائي ڀيرا سڄي رات جاڳندو رهي ٿو۔
ڀارتي ميڊيا موجب 5 ڏهاڪن تي ٻڌل ڪامياب ڪيريئر باوجود به اميتاڀ بچن اڄ به ڪم جي سبب دٻاءَ جو شڪار آهي۔
83 ورهين جي اميتاڀ بچن پنهنجي بلاگ پوسٽ ۾ مصروف شيڊول بابت لکيو ته ڪم جي ڪري هو رات جو سمهي نٿو سگهي. هو محسوس ڪري ٿو ته جيڪو ڪم ڪيو اهو اڃا بهتر ٿي سگهي ها، ۽ جيڪڏهن موقعو ملي ته هو ٻيهر به ڪري ٿو، پر کيس پڪ ناهي ته اهو بهتر ٿيو يا نه. سندس خيال کيس سڄي رات سمهڻ نٿا ڏين۔
هن وڌيڪ لکيو ته ڪيترائي ڀيرا سڄي رات گذري وڃي ٿي پر ننڊ نه ٿي اچي. ڊاڪٽر گهٽ ۾ گهٽ 7 ڪلاڪ ننڊ جو مشورو ڏين ٿا، پر هن لاءِ ڪم ڪيترائي ڀيرا ننڊ کان به وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ٿو۔
سينيئر اداڪار وڌيڪ لکيو ته 24 ڪلاڪن دوران گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، تنهنڪري هڪ ڏينهن کي 36 ڪلاڪن تائين وڌائڻ گهرجي، ۽ زندگي جو فلسفو چوي ٿو ته جڏهن ائين ٿئي ته ان کي 48 ڪلاڪن تائين وڌائڻ لاءِ چيو ويندو، پر ها! سکڻ ۽ ڪرڻ لاءِ اڃا به گهڻيون شيون آهن۔
ميڊيا رپورٽن موجب اميتاڀ بچن هن وقت مختلف پروجيڪٽس تي ڪم ڪري رهيو آهي، جن ۾ فلم ڪالڪي 2898 اي ڊي به شامل آهي۔
اميتاڀ بچن فلم ڪالڪي 2898 اي ڊي جي سيڪوئل ۾ اشوتٿاما جو ڪردار ادا ڪندو. هدايتڪار ناگ اشوين جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ هن سيڪوئل ۾ پرڀاس ۽ ڪمل هاسن مرڪزي ڪردار ادا ڪندا۔