لائیو پاڪستان جو فيڊل مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شھباز شريف تمام بھترين آھن: صدر ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان جو فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شھباز شريف تمام بهترين آهن، جڏهن ته پاڪستاني اڳواڻن ايران سان معاهدي ۾ وڏي مدد ڪئي آهي۔

صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ساراهه ڪئي آهي۔

آمريڪي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير هڪ بهترين شخص آهي ۽ پاڪستان جو وزيراعظم به بهترين آهي۔

آمريڪي صدر چيو ته فيلڊ مارشل عاصم منير پنهنجي وزيراعظم جو مڪمل احترام ڪن ٿا، جيڪا تمام خوبصورت ڳالهه آهي۔

ٽرمپ وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اڳواڻن ايران سان معاهدي ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي، پاڪستاني قيادت ايراني قيادت ۽ ايراني قوم کي چڱيءَ ريت سڃاڻندي هئي۔

ان کان پوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته چيني صدر شي جن پنگ سيپٽمبر ۾ آمريڪا جو دورو ڪندو، جڏهن ته ايران جي معاملي ۾ چين پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔

ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته چين ايران کان پنهنجي ضرورت جو 50 سيڪڙو تيل خريد ڪري ٿو، جڏهن ته آمريڪا جا اسرائيل سان تمام بهتر لاڳاپا آهن۔

ان کان علاوه صدر ٽرمپ چيو ته هو هلندڙ سال دوران ٻيهر چين جو دورو به ڪندو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں