جعلي دستاويزن ذريعي ماڻھن کي پرڏيھ موڪلڻ جو ڪاروبار، ھلندڙ سال مختلف ايئرپورٽس تان غير قانوني طور پرڏيھ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ سوين پاڪستاني آف لوڊ

فہرستِ مضامین

تازوايف آءِ اي اميگريشن، جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ڪراچي تي جعلي پولش ورڪ ويزا ذريعي پولينڊ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي صوابي ضلعي جي مسافر دائود خان ولد اصغر خان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

ايف آءِ اي ترجمان موجب اميگريشن ڪليئرنس دوران مسافر جي سفري دستاويزن بابت شڪ پيدا ٿيو. تفصيلي جاچ دوران پولينڊ جو ورڪ ويزا جعلي ۽ نقلي ثابت ٿيو، جيڪو اصل سيڪيورٽي فيچرز، خاص طور تي الٽرا وائلٽ (UV) تصديق جي معيار تي پورو نه لٿو.

ترجمان  ٻڌايو تہ شروعاتي جاچ ۾ مسافر انڪشاف ڪيو ته پولينڊ جو ويزا ٻه ڀيرا رد ٿيڻ کان پوءِ هن فيس بڪ ذريعي ترڪي ۾ رهندڙ ايجنٽ ابو يورب سان رابطو ڪيو، جنهن بائننس ڪرپٽو پليٽ فارم وسيلي 2 لک 40 هزار رپيا وصول ڪري جعلي ويزا اسٽيڪر ۽ ٻيو مواد فراهم ڪيو.

ملزم وڌيڪ ٻڌايو ته کيس هڪ ڪوريئر پارسل مليو، جنهن ۾ چانهه جي ڪوپن اندر ڳجهي نموني جعلي پولش ويزا اسٽيڪر، پولش سفارتخاني جي مهر ۽ اسٽيمپ پيڊ لڪايا ويا هئا. ايجنٽ جي هدايت تي هن پاڻ پنهنجي پاسپورٽ تي ويزا لڳايو ۽ مهر هنئي، جنهن کان پوءِ پروٽيڪٽر ڪليئرنس حاصل ڪري پولينڊ جي ٽڪيٽ بڪ ڪرائي.

واقعي کان پوءِ مسافر کي ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل (AHTC) ڪراچي حوالي ڪيو ويو، جتي ملزم ۽ ٻين ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر نمبر 183/2026 داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

ايف آءِ اي موجب انساني اسمگلنگ، ويزا فراڊ ۽ جعلي سفري دستاويزن ذريعي غير قانوني اميگريشن ۾ ملوث عنصرن خلاف بنا امتياز ڪارروايون جاري آهن.

جعلي سفري دستاويزن تي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ناڪام، 2 مسافر آف لوڊ

ايف آءِ اي اميگريشن ڪجھ عرصو اڳ بہ ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪري جعلي سفري دستاويزن تي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن مسافرن کي آف لوڊ ڪري ڇڏيو ھو. مسافرن ۾ سالار علي ۽ سلمان شامل ھئا. مسافر سلمان علي وزٽ ويزا تي ٿائيلينڊ وڃي رهيو هو.

مسافر جي پاسپورٽ تي پرڏيهه روانگي جي جعلي اسٽيمپ لڳل هئي، جڏهن ته ان اسٽيمپ بابت سسٽم ۾ ڪنهن به قسم جو رڪارڊ موجود نه هو.

ٻيو مسافر سالار علي فلائيٽ نمبر D7-109 ذريعي وزٽ ويزا تي ملائيشيا وڃي رهيو هو. شروعاتي جاچ موجب مسافر اشفاق نالي ايجنٽ سان رابطي ۾ هو.

مسافر ملائيشيا جي ورڪ ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ ايجنٽ کي 6 لک رپيا ڏنا هئا. ايجنٽ ڳريون رقمون وصول ڪري کيس وزٽ ويزا فراهم ڪئي ۽ ملائيشيا پهچڻ بعد نوڪري ڏيارڻ جو آسرو ڏنو.

بعد ۾ ٻنهي مسافرن کي وڌيڪ ڪارروائي ۽ ايجنٽ جي سڃاڻپ لاءِ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو.

غير قانوني طريقي سان يورپ وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ 100 کان وڌيڪ پاڪستاني ڊي پورٽ

ھلندڙ سال ئي غير قانوني طريقي سان ليبيا ويندڙ 177 پاڪستانين کي ڊي پورٽ ڪري واپس موڪليو ويو.

ايف آءِ اي موجب ليبيا مان ڊي پورٽ ٿيل سڀني ماڻهن کي اينٽي هيومن اسمگلنگ سيل منتقل ڪيو ويو آهي. يورپ وڃڻ جا خواهشمند اهي پاڪستاني غير قانوني رستن ذريعي ليبيا پهتا هئا.

ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته اڪثر ماڻهن جو تعلق لاهور، گجرات، راولپنڊي، گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ سان آهي. انهن ماڻهن کي ليبيا موڪلڻ وارن ايجنٽن جا نالا ريڊ بُڪ ۾ شامل ڪيا ويا آهن.

ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ترجمان موجب جعلي دستاويزن ۽ غير قانوني اميگريشن جي بنياد تي آذربائيجان ويندڙ هڪ مسافر کي آف لوڊ ڪيو ويو.

مسافر جي موبائل فون مان يونان ۽ بحرين جي ويزن سان گڏ اميگريشن اسٽيمپن جون مشڪوڪ تصويرون هٿ آيون.

مسافر زبير جي سامان مان اٿينس کان ڪراچي جا شڪي بورڊنگ پاس پڻ مليا. مسافر اعتراف ڪيو ته سندس اصل مقصد آذربائيجان جي رستي غير قانوني طور يونان پهچڻ هو.

مسافر لاءِ سمورا انتظام سندس ڀاءُ حارث زئي ڪري رهيو هو، جيڪو هن وقت يونان ۾ رهائش پذير آهي.

مسافر کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل (AHTC) حوالي ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں