آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ معاهدو طئي ٿيڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون 4 سيڪڙو تائين گهٽجي ويون آهن.
عالمي مارڪيٽ ۾ برطانوي تيل جي قيمت ۾ 4 ڊالر في بيرل گهٽتائي آئي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 83.70 ڊالر في بيرل ٿي وئي. ساڳئي ريت آمريڪي تيل جي قيمت به 3.75 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 80.76 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي.
ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن معاهدو طئي ٿي ويو آهي، جنهن جو اعلان پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ڪيو.
وزيراعظم سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته امن معاهدي تي صحيحن جي باضابطه تقريب 19 جون تي سوئٽزرلينڊ ۾ منعقد ٿيندي.
هن معاهدي لاءِ قطر، سعودي عرب ۽ ترڪي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڌرين سڀني محاذن تي فوجي ڪارروايون فوري ۽ مستقل طور بند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. معاهدي ۾ لبنان سميت ٻين محاذن تي به ڪارروايون روڪڻ شامل آهي.
آمريڪا ۽ ايران ٻنهي معاهدي طئي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.