فٽبال ورلڊ ڪپ جي سلسلي جي ٽئين افتتاحي تقريب آمريڪا جي شهر لاس اينجلس ۾ منعقد ٿي۔
تقريب جي شروعات شاندار انداز ۾ ڪئي وئي جتي 8 ماڻهن ڊرم وڄائي ماحول کي زبردست بڻايو۔ ان کان پوءِ آمريڪي ريپر فيوچر ۽ ڳائڻي ٽائلا سٿل اسٽيج تي پرفارم ڪيو۔
بعد ۾ “ليزا گروپ” پنهنجي مشهور گاني “گول” ذريعي اسٽيڊيم ۾ موجود هزارين تماشائين کي جهومڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔
هي مختصر تقريب به ساڳئي گاني تي ئي پڄاڻي تي پهتي۔