گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت ۾ 10 سيڪڙو واڌ، پگھاردار طبقي تي سرچارج ختم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: بجيٽ 2026-27 ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگھار ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي۔

وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار پگھار ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 37 هزار رپين مان وڌي 40 هزار 700 رپيا ٿي ويندي۔

وفاقي وزير خزانه محمد اورنگزيب بجيٽ تقرير دوران چيو ته وزيراعظم پگھاردار طبقي تي مالي بار گهٽ ڪرڻ جو پنهنجو وعدو پورو ڪيو آهي۔ گهٽ ۾ گهٽ پگھار ۾ واڌ سان گهٽ آمدني واري طبقي کي رليف ملندو ۽ مهانگائي جي اثرن ۾ گهٽتائي ايندي۔

هن اعلان ڪيو ته حڪومت پگھاردار طبقي تي لاڳو سرچارج ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان لکين ملازمن کي سڌو فائدو ٿيندو۔

وزير خزانه موجب وزيراعظم سرڪاري ۽ خانگي شعبي جي ملازمن کي پيش ايندڙ مسئلن کان چڱي ريت واقف آهي ۽ انهن لاءِ وڌيڪ سهولتون ڏيڻ لاءِ قدم جاري رهندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں