ويب ڊيسڪ… امريڪا جَي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته ڏکڻ آفريڪا جي سفير کي ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ امريڪي پرڏيهي وزير چيو ته امريڪا ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سفير ابراهيم رسول جو هاڻ اسان جي عظيم ملڪ ۾ آڌر ڀاءُ نه ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ابراهيم رسول ريس بيٽنگ (رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارو) سياستدان آهي، جيڪو ٽرمپ ۽ آمريڪا سان نفرت ڪري ٿو.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڏکڻ آفريڪا جي سفير سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، کيس ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو ويو آهي.
واشنگٽن ۾ ڏکڻ آفريڪا جي سفارتخاني طرفان آمريڪي پرڏيهي وزير جَي اِن بيان تي ڪو تبصرو يا رد عمل سامهون نه آيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي وزير جو اِهو بيان اهڙي وقت تي سامهون آيو، جڏهن آمريڪا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي لاڳاپن ۾ تبديلي آئي يا (خراب ٿيا آهن.
صدر ٽرمپ تازو ئي جاري ڪيل هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ۾ تڪراري ايراضي ايڪٽ جي ڪري ڏکڻ آفريڪا جي امداد به معطل ڪئي هئي.

صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته هن تڪراري ايڪٽ جي ڪري ڏکڻ آفريڪا ۾ اڇي رنگ جَي نسل واري ماڻهن جي ملڪيت زرعي فارمن تي قبضو ڪيو ويندو، هو ڏکڻ آفريڪا جي هارين کي آمريڪا ۾ آباد ٿيڻ تي ڀليڪار ڪندو.
ڏکڻ آفريڪا جي صدر سيرل راما فوسا ڪجهه ڏيڻ اڳ هڪ پوسٽ ۾ پنهنجي حڪومت جي هِن قدم جو دفاع به ڪيو هو.
هن چيو هو ته اسين آئين مان رهنمائي حاصل ڪندا آهيون، جيڪا رياست تي ذميواري آهي، اُها پوري ڪندا آهيون، رياست جي ذميواري آهي ته رنگ ۽ نسل جي بنياد تي فرق کي ختم ڪري ۽ سڀني کي هڪجهڙا حق ڏياري.