آخري حصو
تحرير: شڪيل سومرو
1960ع واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان اندر شاگرد تحريڪن، ڪميونسٽ پارٽي ۽ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل ترقي پسند اڳواڻن هڪ نئين سياسي لهر کي جنم ڏنو، جنهن ملڪ جي سياست جو رخ تبديل ڪري ڇڏيو.
فيلڊ مارشل ايوب خان جي آمريت 1958ع کان 1969ع تائين جاري رهي، پر 1967ع کان 1969ع وارو دور سندس حڪومت لاءِ سڀ کان ڏکيو ثابت ٿيو. ملڪ اندر مهانگائي، سياسي پابندين، جمهوريت جي کوٽ ۽ معاشي اڻبرابري خلاف عوامي بيچيني تيزي سان وڌڻ لڳي.
انهيءَ دور ۾ کاٻي ڌر جي ترقي پسندن، جمهوريت پسند سياسي ڪارڪنن، شاگردن، هارين ۽ خاص طور مزدور تحريڪن ايوبي آمريت خلاف هڪ سگهاري عوامي تحريڪ هلائي. ٽريڊ يونين تنظيمن ڪارخانن، ريلوي، بندرگاهن ۽ سرڪاري ادارن ۾ مزدورن کي منظم ڪيو. پي آء اي جي ملازمن، ريلوي ورڪرن، ڪراچي پورٽ جي مزدورن ۽ ٻين صنعتي ادارن جي پورهيتن تاريخي هڙتالون ڪيون. انهن هڙتالن ملڪ جي معاشي سرگرمين کي متاثر ڪيو ۽ حڪومت تي وڏو سياسي دٻاءُ وڌو. شاگردن جي احتجاجن ۽ مزدورن جي تحريڪن گڏجي هڪ اهڙي عوامي لهر پيدا ڪئي، جنهن ايوبي آمريت جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو.
1968ع ۽ 1969ع جي عوامي تحريڪ دوران پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ لکين ماڻهو رستن تي نڪري آيا. آخرڪار وڌندڙ عوامي دٻاءُ، سياسي مزاحمت ۽ مزدورن جي مسلسل جدوجهد سبب ايوب خان اقتدار برقرار نه رکي سگهيو ۽ 25 مارچ 1969ع تي استعيفيٰ ڏئي اقتدار جنرل يحي خان حوالي ڪري ڇڏيو.

ايوبي آمريت جي خاتمي ۾ شاگردن، مزدورن، ٽريڊ يونينن ۽ کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن جو ڪردار پاڪستان جي جمهوري جدوجهد جي تاريخ جو هڪ اهم باب سمجهيو وڃي ٿو. سياسي جدوجهد جي انهن تاريخي سالن دوران سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف اثرائتي تحريڪ هلائي وئي جنهن ۾ قومپرست ۽ ترقي پسند ڪارڪنن پاڻ ملهايو. انهن سالن دوران 1967ع ۾ لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي رهائشگاهه تي هڪ اهم ۽ تاريخي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل جي اي رحيم ,معراج محمد خان ,ڊاڪٽر مبشر حسن ,باباء سوشلزم شيخ محمد رشيد سميت ترقي پسند اڳواڻ گڏ ٿيا. انهي گڏجاڻيءَ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي بنياد رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽو کي پارٽي جو چيئرمين ۽ جي. اي. رحيم کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.انهن ترقي پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پيپلز پارٽي جي نظرياتي ڍانچي کي ترتيب ڏيڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو.
اڳتي هلي انهن اڳواڻن ۽ ذوالفقار علي ڀٽو وچ ۾ نظرياتي ۽ سياسي اختلاف پيدا ٿيا. انهن جو موقف هو ته ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ پارٽي جي سوشلسٽ ۽ ترقي پسند پروگرام کان هٽي ويو آهي. انهن اختلافن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي اڳواڻن کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. جي. اي. رحيم جهڙي سينيئر سياستدان کي گرفتار ڪري ذهني ۽ جسماني ٽارچر جو شڪار بڻايو ويو.
ڪميونسٽ پارٽي جنرل ضياءَ الحق جي آمريت خلاف به مهاڏو اٽڪايو. پارٽي جمهوريت جي بحالي واري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. ان جدوجهد دوران ڪيترن ئي ڪميونسٽ ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون ۽ سخت رياستي دٻاءُ کي منهن ڏنو.
جنرل ضياءَ جي آمريتي دور ۾ کاٻي ڌر خاص طور تي ڪميونسٽ پارٽي عتاب هيٺ رهي
جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪميونسٽن خلاف سخت ڪارروائي ٿي۔
ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي ,پروفيسر جمال نقوي، سهيل سانگي، شبير شر، بدر ابڙو ,ڪامريڊ امر لال۽ ٻين تي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائي ويا۔اصل ۾ اهوسائيڪلو اسٽائيل تي نڪرندڙ پمفليٽ ڪيس هو جيڪو بعد ۾ ڄام ساقي ڪيس طور مشهور ٿيو.
1978ع ۾ وفاقي جاچ اداري (FIA) ڪميونسٽ اڳواڻ ڄام ساقي کي گرفتار ڪيو ۽ ڪراچي ۾ ٻن گهرن تي ڇاپا هنيا ويا۔ ڄام ساقي خلاف فوجي حڪومت پاران 1980ع ۾ هڪ خاص ٽرائل قائم ڪيو ويو۔
هي پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي خلاف ٻيو وڏو ڪيس هو۔ ان کان اڳ 1950ع ۾ “راولپنڊي سازش ڪيس” هلي چڪو هو۔
ڄام ساقي ڪيس ۾ بينظير ڀٽو ,خان عبدالولي خان ,غوث بخش بزنجو ,معراج محمد خان ۽ ٻيا بچاء جي شاهد طور پيش ٿيا.
27 مارچ کان 29 مارچ 1983ع تائين بينظير ڀٽو جا بيان ٿيا. بينظير ڀٽو ڄام ساقي جي دفاع ۾ سمري ملٽري ڪورٽ آڏ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته “مان فوجي عدالتن کي تسليم نٿي ڪريان.”

هن وڌيڪ شاهدي ڏيندي چيو ته: “ڄام ساقي رياست جو هڪ محب وطن شهري آهي.” هن ڄام ساقي کي فوري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ڄام ساقي ڪيس جي هڪ ٻي اهم اڳواڻ سهيل سانگي جو تعلق به ڇاڇري سان هو .هو ڄام ساقي جو ويجهو عزيز آهي.
سهيل سانگي جي ڪميونسٽ پارٽي ۾ شموليت جو سفر سنڌ جي شاگرد سياست ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪ جو هڪ اهم باب آهي۔ سندس سياسي شعور جو بنياد ڇاڇري ۾ ميٽرڪ جي تعليم دوران ئي پيو، جتي ٿر جي ڏڪار، غربت ۽ سماجي محرومين کيس اڳ ئي سوشلسٽ سوچ ڏانهن مائل ڪري ڇڏيو هو۔ بعد ۾ هن مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي، جتي سندس فڪري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا۔
حيدرآباد پهچڻ کان پوءِ هو ڪجهه وقت پنهنجي ويجهي عزيز ڄام ساقي وٽ رهيو، جيڪو ان وقت حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سرگرم اڳواڻ ۽ انڊر گرائونڊ ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل هو۔ ان دور ۾ مير ٿٻو، مهر حسين شاهه، نديم اختر ۽ هدايت الله جهڙا شاگرد اڳواڻ پڻ سياسي تحريڪ جو اهم حصو هئا۔
ڄام ساقي، سهيل سانگي کي ان وقت جي ڪميونسٽ ڪارڪن ڇگن چارڻ سان ملايو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي سان لاڳاپيل “قومي ڪتاب گهر” جو سنڀاليندڙ هو۔ اهو ڪتاب گهر پارٽي جي فڪري ۽ تنظيمي مرڪز طور ڪم ڪندو هو، جتي ترقي پسند ادب ۽ سياسي شعور کي وڌايو ويندو هو۔ اتان سهيل سانگي جي باقاعده طور ڪميونسٽ پارٽي سان وابستگي شروع ٿي ۽ هو مڪمل طور تي هول ٽائيم پارٽي ڪارڪن بڻجي ويو۔
4 مارچ 1967ع کان پوءِ وارو اهو دور سندس سياسي زندگيءَ ۾ هڪ نئين موڙ جي حيثيت رکي ٿو، جڏهن هن عملي طور پارٽي ڪم کي پنهنجو مڪمل وقت ڏنو۔ 1970ع جي عام چونڊن ۾ جڏهن ڪميونسٽ پارٽي ڄام ساقي کي ٿرپارڪر ضلعي مان قومي اسيمبلي جي سيٽ تي راڻا چندر سنگهه خلاف اميدوار بڻايو، ته سهيل سانگي کي ان مهم جو اليڪشن آفيس انچارج مقرر ڪيو ويو هو۔ ڄام ساقي پنهنجي سموري سياسي جدوجهد باوجود اهو مقابلو کٽي نه سگهيو، پر اها مهم سنڌ جي شاگرد ۽ کاٻي ڌر جي سياست ۾ هڪ اهم سياسي تجربو بڻجي وئي۔
سهيل سانگي مجموعي طور تي پنج سال جيل ڪاٽيو.قيد دوران هن جا 62 ڏينهن انٽروگيشن ۽ ٽارچر ڪيمپ ۾ گذريا ۽ 16 مهينا قيد تنهائي ۾ رهڻو پيو۔ سهيل سانگي سينئر صحافي سان گڏ سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريسي شعبي سان به لاڳاپيل رهيو.ڄام ساقي ڪيس جو هڪ ٻيو اهم ڪردار شبير شر 4 اپريل 1956ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي تعلقي ميرواهه جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ مينگهو فقير شر ۾ جنم ورتو. سندس زندگي شروعات کان ئي جدوجهد، شعور ۽ مزاحمت جي سياست سان جڙيل رهي.

1969ع ۾ هن ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ حصو وٺي سياسي سفر جي شروعات ڪئي. بعد ۾ جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا خلاف مزاحمتي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو.1980ع ۾ کيس جنرل ضياء جي فوجي حڪومت گرفتار ڪيو. ڄام ساقي ڪيس ۾سندن ساٿين شهيد نظير عباسي، ڄام ساقي، سهيل سانگي، بدر ابڙو، پروفيسر جمال نقوي، ڪمال وارثي، ڊاڪٽر جبار خٽڪ ۽ ڪامريڊ امر لعل سان گڏ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو. شبير شر ۽ ڪمال وارثي کي ست سال قيد جي سزا ڏني وئي. اٺن سالن جي ڊگهي قيد کان پوءِ هو آزاد ٿيو.آزاد ٿيڻ بعد هن پنهنجي زندگيءَ جو رخ صحافت ڏانهن موڙيو.
1993ع ۾ هن وڪالت جي پيشي کي اختيار ڪيو. هو هڪ سٺو ليکڪ به آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ سفر ناما ۽ جيل ڊائريون شامل آهن.
پروفيسر جمال نقوي پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جي اهم اڳواڻن، دانشورن ۽ استادن مان هڪ ه هو.1980ع ۾ جنرل ضياءَ الحق جي دور ۾ ڄام ساقي ڪيس دوران کيس گرفتار ڪيو ويو،ان وقت هو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جو قائم مقام سيڪريٽري جنرل هو. قيد مان آزاد ٿيڻ کان پوءِ به هن ملڪ ڇڏڻ کان انڪار ڪيو ۽ جمهوري ۽ پرامن سياست جو حامي رهيو. پروفيسر جمال نقوي تدريس سان به وابسته رهيو ۽ پنهنجي فڪري، سياسي ۽ ادبي خدمتن سبب پاڪستان جي ترقي پسند تحريڪ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو.
ڄام ساقي ڪيس جو هڪ ٻيو اهم ڪردار بدر ابڙو سنڌ جو ناميارو محقق، ليکڪ، سفرناما نگار ۽ لغت نويس آهي، جنهن پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌ جي تاريخ، تهذيب، جاگرافي، ٻولي ۽ لوڪ ورثي تي اهم ڪم ڪيو آهي. هو نامياري اديب ۽ جج جمال ابڙو جو فرزند آهي، جيڪو سنڌي ادب ۾ پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو. بدر ابڙي کي به مشهور ڄام ساقي ڪيس ۾ ٻين ساٿين سان گڏ ڪورٽ مارشل ڪيو ويو.
بدر ابڙو جو شمار انهن ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، جن صحافت، تحقيق ۽ سفرنامي کي گڏ کڻي سنڌ جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي دستاويزي انداز ۾ پيش ڪيو. سندس لکڻين ۾ مشاهدي جي گهرائي، تاريخي حوالا ۽ سائنسي اندازِ فڪر واضح نظر اچي ٿو. هن ايم آرڊي جي تحريڪ تي به شاندار ڪتاب لکي ان کي تاريخ جو حصو ٺاهي ڇڏيو .ڄام ساقي ڪيس جي ٻين ڪردارن ۾ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سنڌي صحافت جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو آهي .هن ڪمپيوٽر تي پهرين سنڌي اخبار عوامي آواز شايع ڪئي.
ڪامريڊ امر لال اصل پنوعاقل شهر جو رهواسي آهي .هن ڊي ايس ايف جي شاگرد سياست کان شروعات ڪئي . مشهور ڄام ساقي ڪيس ۾ ٻين ساٿين سان گڏ ڪورٽ مارشل ٿيو ۽ ستن سالن تائين قيد ۾ رهيو . ڪامريڊ امر لال اڳتي هلي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو .ڪامريڊ امر لال بابت ساڳئي سياسي سٿ جي هڪ ڪميٽيڊ دوست سورگواسي ڪامريڊ راجڪمار وڻجاري گهڻا سال اڳ ڪٿي لکيو هو ته جڏهن امر لال گرفتار ٿيو ته انکي ڦاسي گھاٽ جي قيدين جي ڀرسان ڪنهن ڪال ڪوٺڙي ۾ رکيو ويو ھو . ڪامريڊ کان مون پڇيو ته اوھان تشدد ڪيئن برداش ڪيو ھو؟؟
ڪامريڊ امرلال جواب ڏيندي چيو ته تشدد جسم نه پر ذھن برداشت ڪندو آهي. اسان جا آدرش ھئا ۽ انقلاب جا خواب ڏٺا ھئاسين. انهن آدرشن ۽ خوابن تشدد برداش ڪيو نه ته وڏي ۾ وڏن ٿلھن ۽ متارن ماڻھن جا لڱ ڇڏائجي ويندا آهن .

ڪمال وارثي جو نالو به ان فهرست ۾ اچي ٿو جيڪي 1980ع جي ڏهاڪي ۾ ضياءَ الحق جي مارشل لا دور ۾ گرفتار ڪيا ويا. کيس ڄام ساقي ڪيس جي سلسلي ۾ ٻين سياسي ڪارڪنن سان گڏ گرفتار ڪري فوجي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو۽ هو اڌن سالن تائين قيد رهيو.
ڪمال وارثي کي سياسي حلقن ۾ هڪ اهڙي ڪردار طور ياد ڪيو وڃي ٿو جيڪو سخت دور ۾ به پنهنجي سياسي نظرئي سان جڙيل رهيو ۽ قيد و بند جون صعوبتون برداشت ڪيون.
هي اهو دور هو جنهن ۾ ڊي ايس ايف جي چيئرمين ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش کي گرفتار ڪري سمري ملٽري ڪورٽ ۾ چالان ڪيو ويو .گورباچوف جو لکيل ڪتاب گلاسنوسٽ ۽ پرواسٽرائيڪا جو سنڌي ۾ ترجمو ڪندڙ ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش بعد۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل ٿيو.92 ۾ نوازشريف جي حڪومتي دور ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڊاڪٽر گهنشام پرڪاش کي کنڀيو ويو ۽ هو ڪيترن مهينن تائين مسنگ رهيو .آزاد ٿيڻ بعد حشوڪيولراماڻي وانگر هن کان به پنهنجو وطن ڇڏرايو ويو ۽ هو اڄ به جلاوطني واري زندگي گذاري رهيو آهي.
کاٻي ڌر جي سوشلسٽ تحريڪ دوران ڪميونسٽ پارٽي ۽ ان جي ذيلي فرنٽن جا ڪيترائي ڪارڪن ۽ اڳواڻ کنڀا ويا ,سالن تائين جيلن جون صعوبتون برداشت ڪندا رهيا .کاٻي ڌر جي انهن اڏول سياسي ڪارڪنن ۾ شهيد حسن ناصر ,شهيد نظير عباسي, امداد چانڊيو ,ڪامريڊ مانڌل شر ,بدر ابڙو,حميده گهانگهرو, سهيل سانگي ,ڦوٽو رستماڻي ,غلام رسول سهتو,اختيار ڀٽو,شبير بيدار ڀٽو عرف سڄڻ ڀٽو ,ڪامريڊ امرلال ,شبيرشر ,ڊاڪٽر جبار خٽڪ , محمد خان سولنگي ,ڊاڪٽر راجڪمار ,ڪمال وارثي ,اعزاز نذير,ڪامريڊ امام علي نازش ۽ ٻيا شامل آهن
هڪڙي دور ۾ سنڌ جي شهرن ۾ نعرو گونجندو هو: “جيل ڪا ڦاٽڪ ٽوٽي گا ــ ڄام ساقي ڇوٽي گا!
حيدرآباد ۾ سندن شاندار استقبال ڪيو ويو۔ پارٽي فيصلو ڪيو ته ڄام ساقي ۽ ٻين اڳواڻن جا سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪرايا وڃن، جيئن پهريون ڀيرو کليل نموني ڪميونسٽ فڪر کي عوام تائين پهچائي سگهجي۔
انهيءَ زماني ۾ ڪيترائي نوجوان، اديب، وڪيل، استاد ۽ سماجي ڪارڪن ڳجهي نموني ڪميونسٽ پارٽيءَ سان سلهاڙيل هئا۔ “سرخ پرچم” جهڙا رسالا هٿن هٿن ۾ ڦرندا هئا ۽ نظرياتي بحثن جو اهم ذريعو بڻيل هئا۔
ڄام ساقي جي سزا جو اعلان ٻڌڻ سان ئي سندس گهرواري سکان کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي حياتي جو انت آندو.
اهو واقعو صرف هڪ خاندان نه، پر هڪ پوري سياسي جدوجهد جي قيمت کي ظاهر ڪري ٿو.
سياسي نظرين ۽ آدرشن جي جنگ ۾ ڪيترائي ڪارڪن سخت اذيتن مان گذريا آهن.

انهن جدوجهدن جو بار صرف قيدين تي نه، پر سندن گهر ڀاتين تي به پوي ٿو.
حسن ناصر جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته کيس شهادت کان پوءِ به سندس والده کي لاش نه ڏنو ويو.
اهڙن واقعن رياستي جبر ۽ سياسي تحريڪن جي تاريخ ۾ گهرا زخم ڇڏيا آهن.
ڄام ساقي ڪيس ۾ ڊگهي قيد ڪاٽيندڙ سهيل سانگي جو بيان به انتهائي اهم آهي.
سندس چوڻ هو ته قيد جي تنهائي اسان جي ذهني حالت تي سخت اثر وڌو.
گهڻا ساٿي ان عرصي دوران نفسياتي دٻاءَ جو شڪار ٿي ويا.
۽ وقت سان گڏ سندن گهر ڀاتين کي به مسلسل اذيت ۽ پريشانيون سهڻيون پيون.
اهڙي صورتحال ۾ سياسي جدوجهد صرف فرد نه، پر پوري خاندان جي آزمائش بڻجي وڃي ٿي.
هي تاريخي تجربا اڄ به سياسي تحريڪن جي قيمت کي سمجهڻ لاءِ اهم آهن.
ڄام ساقي جي سياسي زندگي اصل ۾ سنڌ جي ترقي پسند سياست، شاگرد تحريڪن، قومي سوال، جمهوريت جي جدوجهد ۽ رياستي جبر جي مڪمل تاريخ آهي۔
ڄام ساقي آخر ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو، هو سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار به رهيو.
ڪميونسٽ پارٽي جو هڪڙو ٻيو کاهوڙي ڪردار ڄام ساقي ڪيس ۾ قيد دوران غيرانساني تشدد جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ شهيد نذير عباسي سنڌ جي کاٻي ڌر واري سياست جو هڪ اهم، بهادر ۽ نظرياتي جدوجهد سان جڙيل نوجوان اڳواڻ هو. هو 1970ع واري ڏهاڪي ۾ شاگرد سياست ۽ پوءِ مزدور تحريڪن ۾ سرگرم رهيو ۽ سنڌ نیشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن سميت مختلف تنظيمن ۾ ڪم ڪيو. نذير عباسي جو سياسي ڪم مزدورن، هارين ۽ شاگردن جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهد تي ٻڌل هو.

ضياءَ دور ۾ جڏهن ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن تي سخت پابنديون لڳيون، تڏهن نذير عباسي روپوشي ۾ به سياسي ڪم جاري رکيو. هو سياسي تنظيم سازي، اسٽڊي سرڪلز ۽ مزدور تحريڪن سان جڙيل رهيو. 1980ع ۾ کيس ٻين ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ کيس سخت پڇاڳاڇا ۽ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
30 جولاءِ 1980ع تي نذير عباسي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ 9 آگسٽ 1980ع تي هو تشدد سبب شهيد ٿي ويو. سندس لاش کي بعد ۾ سخي حسن قبرستان، ڪراچي ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قتل سياسي حلقن ۾ وڏو ڏک ۽ احتجاج جو سبب بڻيو.
نذير عباسي کي هڪ اهڙي شخص طور ياد ڪيو وڃي ٿو جنهن اصولن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي. هو خوش مزاج، بهادر ۽ نظرياتي طور تي پختو اڳواڻ هو. سندس شهادت پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ رياستي جبر ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪن جي دردناڪ باب طور سڃاتي وڃي ٿي. کاٻي ڌر جي انهي تحريڪ جي کاهوڙي ڪردارن ۾ هڪ ڊگهي فهرست شامل آهي.
محراب پور جي ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو جي نياڻي حميده گهانگهرو اڃانائين درجي ۾ هئي ته ڪاليج جي مطالبي لاء مظاهرو ڪرڻ جي ڏوھ هيٺ سندس ڀيڻ زبيده گهانگهرو سان گرفتار ٿي ۽ ٻن مهينن تائين نارا جيل ۾ قيد رهي .حميده گهانگهرو ايس اين ايس ايف ۾ مرڪزي عهدن تي رهي .حميده جي بعد ۾ نظير عباسي سان شادي ٿي هو پٽ فيڊر ۾ هارين جي تحريڪ دوران آصفه رضوي سان گڏ گرفتار ٿي ۽ کيس مچ جيل ۾ رکيو ويو. کاٻي ڌر جي سياست جي حوالي سان لاڙڪاڻي ۾ موهن جي دڙي جي ڀرپاسي واري ڳوٺ ٻلهڙيجي کي خاص مقام حاصل رهيو . ٻلهڙيجي کي لٽل ماسڪو جي نالي سان سڃاتو ويندو هو. انور پيرزادو,ذلف پيرزادي سميت ٻلهڙيجي جا ڪيترائي ساٿي ڪميونسٽ پارٽي جو حصو رهيا .جيڪب آباد ۾ ايس اين ايس ايف جي سياست ۾ سرگرم رهندڙ امداد اوڍو به ڪميونسٽ پارٽي جو حصو رهيو . امداد اوڍو ڊاڪٽر جبار خٽڪ ,سهيل سانگي ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي سنڌي اخبار عوامي آواز شروع ڪئي . ناليوارو ڪالم نويس ۽ شاعر اعجاز منگي به ترقي پسند سياست جو حصو رهيو. ناليوارو ترقي پسند ليکڪ تاج بلوچ ,ممتاز مهر ,بدر اڄڻ جو تعلق به کاٻي ڌر سان رهيو .هو ترقي پسند مصنفين جو به حصو رهيا .پاڪستان جوڊيشل ڪميشن جو ميمبر رهندڙ ناميارو وڪيل اختر حسين به ڪميونسٽ پارٽي جو حصو رهيو. خيرپور ميرس جو چاچو شاھ محمد دراني سندس فرزند بقا دراني به کاٻي ڌر جو حصو رهيا ۽ هنن جيل جون صعوبتون به برداشت ڪيون .

ڪامريڊ مانڌل شر سنڌ جي کاٻي ڌر ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جو هڪ ارڏو، بهادر ۽ کاهوڙي ڪردار هو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي هارين ۽ پورهيتن جي حقن لاءِ وقف ڪري ڇڏي۔
1970ع وارين چونڊن دوران جڏهن هن ميرپور ماٿيلو مان چونڊن لاءِ فارم ڀرايو، ته تر جي وڏيرڪي سماج ان کي پنهنجي بالادستي لاءِ چئلينج سمجهيو۔
چيو وڃي ٿو ته سزا طور سندس منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهي شهر ۾ گهمايو ويو، جيئن اهو پيغام ڏنو وڃي ته “عام ماڻهو” کي بااثر ڌرين سامهون بيهڻ جي جرئت نه ڪرڻ گهرجي۔
پر اهي تذليلون به مانڌل شر جي حوصلي کي ٽوڙي نه سگهيون۔
هو ڊگهو عرصو جيلن، ٽارچر سيلن ۽ سياسي قيد ۾ رهيو۔
مچ جيل ۾ شهيد نذير عباسي سان گڏ الڳ الڳ کوليُن ۾ قيد رهيو، جتي سياسي ڪارڪنن سخت اذيتون ڀوڳيون۔
ڪاڇي جي علائقي واهي پانڌي جو ڦوٽو رستماڻي پڻ سندس ويجهو ساٿي هو، جيڪو سنڌ هاري ڪميٽي جي جدوجهد ۾ سرگرم رهيو۔هن ايم آرڊي تحريڪ ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون. هن رمضان ميمڻ ,تاج مري ,پنهل ساريو وارن سان گڏجي سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل ٺاهي هئي.
انهن ڪارڪنن لاءِ سياست رڳو نعرا نه، پر قرباني، بک، جيل ۽ مزاحمت جو ٻيو نالو هو۔
ڪامريڊ غلام رسول سهتو به هارين جي حقن لاءِ هڪ مثالي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ طور ياد ڪيو وڃي ٿو۔
هو سخت بيماري، پيرسني ۽ ڪمزور جسم باوجود آخري گهڙي تائين جدوجهد ڪندو رهيو۔
زندگي جي آخري ڏينهن ۾ به هن بک هڙتال ڪري احتجاج جاري رکيو۔
اهي ماڻهو اقتدار، دولت يا شهرت لاءِ نه، پر هڪ خواب لاءِ وڙهندا رهيا۔
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهڙا ڪردار مزاحمت، نظرياتي وابستگي ۽ عوامي جدوجهد جي علامت طور ياد رکيا ويندا۔
اختيار ڀٽو جهڙا ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن به وقت جي سياسي ماٺار ۽ نظرياتي ٽٽڻ کانپوءِ آخرڪار مئيخانن حوالي ٿي ويا۔
هو ضياءَ دور ۾ پنهنجي قميصن تي “ڄام ساقي کي آزاد ڪريو” ريشمي ڀرت سان لکرائي احتجاج ڪندو هو، جيڪو پنهنجي نوعيت جو منفرد سياسي اظهار هو۔
اختيار ڀٽو ڊي ايس ايف سان لاڳاپيل هڪ جذباتي ۽ آدرشي نوجوان هو، جنهن سڄي حياتي شادي به نه ڪئي۔
چيو وڃي ٿو ته سکر سينٽرل جيل ۾ سمري ملٽري ڪورٽ جي جج سان بحث ڪرڻ تي کيس پنهنجي پيءُ ۽ ڀائرن سميت وڌيڪ ڇهه مهينا سزا ڀوڳڻي پئي۔
سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ڪيترائي کاٻي ڌر جا ڪارڪن وکري ويا، پر اختيار ڀٽو جهڙا ماڻهو اندر ئي اندر ڀڄي پيا۔
آخرڪار اهو انقلابي نوجوان صوفياڻي راڳ، تنهائي ۽ مئيخاني جي دنيا ۾ گم ٿي ويو۔ چاچو شاھ محمد دراني به ڪميونسٽ پارٽي جو حصو رهيو . هو سنڌ ھاري ڪميٽي ۾ به سرگرم رهيو.
سهيل سانگي، انور پيرزادو، ڪامريڊ غلام رسول سهتو، اعجاز منگي، ذلف پيرزادو، ڊاڪٽر جبار خٽڪ، امداد اوڍو، محمد خان سولنگي، منظور سولنگي،رشيد راڄڙ، لالا رحمان سمون، ارشاد گلاباڻي، مهيش ڪمار، اقبال ملاح، عاجز جمالي، حميده گهانگهرو ۽ ٻين کوڙ سارن کاٻي ڌر جي کاهوڙي ڪارڪنن صحافت جي شعبي کي جوائن ڪيو. ڊي ايس ايف جو چيئرمين رهندڙ علي حسن چانڊيو سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شامل رهيو ۽ آخر ۾ هن پنهنجي الڳ پارٽي ٺاهي هئي. سحر رضوي ۽ سندس مڙس زين دائودپوٽو به کاٻي ڌر جي سياست جو حصو رهيا .زين دائود پوٽو عملي سياست کي خيرباد چئي صحافت جي شعبي کي جوائن ڪيو جڏھن ته سحر رضوي سنڌ ترقي پسند پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي ,هو ترقي پسند ناري تحريڪ جي مرڪزي صدر رهي چڪي آهي. امداد چانڊيو سياست کي خيرباد چئي هيومن رائيٽس ڪميشن ۾ شامل ٿيو .ڪميونسٽ پارٽي سان واڳيل کاٻي ڌر جو سوشلسٽ دانشور ڊاڪٽر لال خان رڳو هڪ سياسي ڪارڪن ۽ مارڪسي مفڪر نه هو، پر هڪ سنجيده ليکڪ ۽ تجزئي نگار پڻ هو، جنهن پنهنجي فڪري لکڻين ذريعي پاڪستان ۽ برصغير جي کاٻي ڌ جي سياست تي گهرو اثر ڇڏيو.
هن فڪري ۽ سياسي سفر ۾ امتياز عالم، آءِ. اي. رحمان، ڪامريڊ روچي رام، عبدالله حسين، عابد حسن منٽو، نجم سيٺي، قاضي سليم اڪبر، فهميده رياض، بدر اڄڻ، شيما ڪرماني، ڊاڪٽر هارون، انيس هارون، ڪرامت علي، عثمان بلوچ، ظفر عباس، اظهر عباس، مظهر عباس، جاويد قاضي، خادم ٿهيم، امرتا سومرو سميت ڪيترن ئي شخصيتن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو.
انهن مان ڪيترن صحافت ذريعي، ڪيترن ادب ۽ شاعري ذريعي، ۽ ڪيترن سماجي ۽ سياسي تنظيمڪاري وسيلي ترقي پسند فڪر، مزدورن جي حقن، جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي جدوجهد کي اڳتي وڌايو. انهن جو گڏيل ڪردار پاڪستان جي فڪري تاريخ ۾ کاٻي ڌر جي هڪ اهم باب طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن جو اثر اڄ به مختلف سماجي ۽ سياسي حلقن ۾ محسوس ڪيو وڃي ٿو.
پاڪستان جي کاٻي ڌر جي سياست، خاص طور تي ڪميونسٽ تحريڪ، گذريل ڪجهه ڏهاڪن دوران ڪيترين ئي تنظيمي تبديلين، ورهاستن ۽ نون اتحادين مان گذري آهي. هي تحريڪ نظرياتي طور مارڪسسٽ-ليننسٽ فڪر سان جڙيل رهي، پر عملي سياست ۾ مسلسل اختلافن جو شڪار رهي آهي.
ڊسمبر 1990ع ۾ ڄام ساقي کي پارٽي جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، پر اپريل 1991ع ۾ هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. بعد ۾ هو پيپلزپارٽي ۾ وڃي شامل ٿيو .ڪميونسٽ پارٽي جو اهم اڳواڻ ۽ کاٻي ڌر جو دانشور مير ٿيٻو به سوويت يونين جي فال ڊائون کانپوء ڪميونسٽ پارٽي کي خيرباد چئي ڪجھ عرصو نوازليگ ۾ رهڻ بعد آمريڪا هليو ويو. تازو آمريڪا مان واپسي بعد ميرٿيٻو ليڊر ٽي وي تي ڊاڪٽر ايوب شيخ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪميونسٽ پارٽي اندر قومي سوال تي سخت اختلاف موجود هئا. سندس چوڻ هو ته پروفيسر جمال نقوي جي انتهاپسند سياسي لائين جو سڀ کان وڏو نقصان نظير عباسي کي ڀوڳڻو پيو. ان وقت پارٽي تي ڪراچي گروپ جو غلبو هو، جنهن جي اڳواڻي پروفيسر جمال نقوي ڪري رهيو هو، جڏهن ته امام علي نازش ۽ اعزاز نظير پڻ ساڻس گڏ هئا.
مير ٿيٻي ٻڌايو ته امداد چانڊيو، مهر حسين شاهه، رحيم بخش جعفري ۽ هو پاڻ قومي سوال تي واضح موقف رکندا هئا. سندن خيال هو ته سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ايس اين ايس ايف) کي برقرار رکڻ گهرجي، جڏهن ته ڪراچي گروپ ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (ڊي ايس ايف) جي بحالي ۽ حمايت جو حامي هو. ان اختلاف سبب سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي اڪثريتي ۽ اقليتي گروپن ۾ ورهائجي وئي. مير ٿيٻو ۽ سندس ساٿي اقليتي گروپ ۾ شامل ٿيا، جڏهن ته پروفيسر جمال نقوي اڪثريتي ڌڙي جو مرڪزي اڳواڻ بڻيو. ڄام ساقي به ان وقت اڪثريتي گروپ سان گڏ بيٺو.
مير ٿيٻي جو چوڻ هو ته بعد ۾ جڏهن ڄام ساقي جي فڪر ۾ تبديلي آئي ۽ سندس لاڙو تصوف ڏانهن وڌيو ته هن ذاتي طور اعتراف ڪيو ته قومي سوال بابت اقليتي گروپ جو موقف وڌيڪ درست هو. هن الزام هنيو ته پروفيسر جمال نقوي پارٽي جي مرڪزي قيادت کي خط لکي سندن گروپ بابت چوندو هو ته اهي پارٽي کي “بورجوا” ۽ “پيٽي بورجوا” بنيادن تي هلائڻ چاهين ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته قومي سوال تي سندن موقف کي افراسياب خٽڪ، امتياز عالم ۽ مختار باچا جي به حمايت حاصل هئي.
مير ٿيٻي ٻڌايو ته هو سوويت دور جي آخري مرحلي ۾ ماسڪو ۾ ٿيل ڪميونسٽ پارٽين جي هڪ اهم عالمي ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿيو هو. سندس چوڻ هو ته ان اجلاس ۾ ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪميونسٽ پارٽين کي واضح پيغام ڏنو ويو ته سوويت يونين طرفان عالمي ڪميونسٽ تحريڪن کي ملندڙ مالي ۽ تنظيمي سهائتا هاڻي جاري نه رهي سگهندي، ڇاڪاڻتہ سوويت يونين پاڻ سخت معاشي بحرانن کي منهن ڏئي رهيو هو. مير ٿيٻي جي مطابق پروفيسر جمال نقوي جڏهن ماسڪو مان واپس موٽيو ته اتي جي بدلجندڙ حالتن ۽ سوشلسٽ نظام جي بحران کي ويجهڙائيءَ سان ڏسڻ بعد عملي سياست کان تقريباً ڪنارو ڪري ويو.

1989ع کان پوءِ، جڏهن سوويت يونين جي زوال جا آثار نمايان ٿيڻ لڳا ۽ آخرڪار سوشلسٽ بلاڪ ٽٽي پيو، تڏهن ڪميونسٽ پارٽي ۽ کاٻي ڌر جي تحريڪ به شديد بحران جو شڪار ٿي وئي. سالن کان نظرياتي وابستگي سان جدوجهد ڪندڙ ڪيترائي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن منتشر ٿيڻ لڳا. ڪجهه اين جي اوز جي شعبي ڏانهن هليا ويا، ته ڪيترن صحافت کي پنهنجو ميدان بڻايو. ڪي عملي سياست کان مڪمل طور ڪناره ڪش ٿي ويا، جڏهن ته ڪجهه مايوسي ۽ بيزاري جي عالم ۾ مئخانن جو رخ ڪرڻ لڳا. ٻئي پاسي اهڙا به ڪيترائي ڪارڪن هئا، جيڪي زندگي جي نئين معنيٰ جي ڳولا ۾ مذهب يا تصوف ڏانهن مائل ٿي ويا. سوويت يونين جو زوال رڳو هڪ عالمي سياسي تبديلي نه هئي، پر ان سان گڏ پاڪستان سميت سڄي خطي جي کاٻي ڌر جي سياست، فڪر ۽ تنظيمي ڍانچي تي به گهرا اثر پيا. ڪميونسٽ پارٽي کي ٻيهر جئيارڻ لاء 1995ع ۾ پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي (CPP) ۽ مزدور ڪسان پارٽي جي ميجر اسحاق واري ڌڙي گڏجي “ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي” قائم ڪئي.
ان دور ۾ هڪ اهم نظرياتي اعتراف به سامهون آيو ته ماضي ۾ سوويت يونين بابت پارٽي جو رويو گهڻو ڪري غير تنقيدي رهيو، جنهن تي نظرثاني جي ضرورت محسوس ڪئي وئي.
1999ع ۾ هڪ ڌڙي هن اتحاد کان ڌار ٿي ٻيهر ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان کي بحال ڪيو. ان کان پوءِ به اختلاف ختم نه ٿيا.
2002ع ۾ پارٽي هڪ ٻي وڏي ورهاست جو شڪار ٿي وئي، جنهن کان پوءِ ٻه الڳ ڌڙا وجود ۾ آيا:
هڪ مولابخش خاصخيلي جي قيادت ۾
ٻيو خادم ٿهيم جي اڳواڻي ۾
هي ڌڙي بنديون نظرياتي اختلافن، قيادت جي تڪرارن ۽ حڪمت عملي جي فرق جو نتيجو هيون. ان کان اڳ به ماضي ۾ شاگرد سياست واري دور ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ ڄام ساقي ۽ شاھ محمد شاھ جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند ۽ نيشنلسٽ ڌڙن ۾ ورهائجي چڪا هئا .سنڌ هاري ڪميٽي به هڪڙي دور ۾ ڪامريڊ حيدبخش جتوئي ۽ قاضي فيض محمد وچ ۾ ٿيل اختلاف کانپوء ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي هئي .ڪميونسٽ پارٽي ۾ قومي سوال تي ميرٿيٻو , ڪامريڊ غلام رسول سهتو ۽ امداد چانڊئي اختلاف رکي الڳ ڌڙو ٺاهي ورتو هو جڏھن ته ڄام ساقي ۽ ڊي ايس ايف جي چيئرمين علي حسن چانڊيو پنهنجي الڳ سڃاڻپ برقرار رکي هئي.
پاڪستان ڪميونسٽ پارٽي، جيڪا 1948ع ۾ سجاد ظهير طرفان قائم ڪئي وئي هئي، اڄ به هڪ ننڍڙي پر نظرياتي طور فعال مارڪسسٽ-ليننسٽ سياسي تنظيم طور موجود آهي.
پارٽي چونڊن لاءِ رجسٽرڊ ناهي، تنهنڪري سڌي طرح چونڊن ۾ حصو نٿي وٺي ۽ “پاپولر ليفٽ الائنس” جهڙن اتحادين سان گڏ ڪم ڪري ٿي، ڪميونسٽ تحريڪ اندر وڌيڪ اهم اختلاف 1997ع کانپوء واضح ٿيڻ شروع ٿيا.
ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي جي بيان موجب: پارٽي ڪانگريس ۾ ڪميونسٽ پارٽي کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي تجويز پيش ٿي ڪجهه اڳواڻن “ٽو ٽائر سسٽم” جي ڳالهه ڪئي.
1998ع ۾ اختلاف وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا، جنهن جي نتيجي ۾: امام علي نازش ۽ منصور سعيد کي سينٽرل ڪميٽي مان ڪڍيو ويو بعد ۾ نئين قيادت کي سامهون آندو ويو جنهن ۾ صدر: صوفي خالق، نائب صدر: غلام نبي ڪلو، جنرل سيڪريٽري: افضل خاموش، ڊپٽي سيڪريٽري: ظهور مانسهروي کي سامهون آندو ويو.
امداد قاضي موجب 1999ع ۾ ڏهرڪي ۾ ڪامريڊ مانڌل شر جي رهائشگاھ تي ٿيل گڏجاڻي ۾ پارٽي کي ٻيهر منظم ڪيو ويو ۽ مولابخش خاصخيلي کي سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو.
2002ع ۾ مزدور ڪسان پارٽي ٻيهر فعال ٿي. ساڳئي وقت مختلف کاٻي ڌر جون تنظيمون گڏ ٿيون ۽ هڪ نئون اتحاد ٺاهيو ويو: انهي اتحاد ۾ عوامي ورڪرز پارٽي، ڪميونسٽ مزدور ڪسان پارٽي جو حصو ھئي.ورڪرز پارٽي ۾ سوشلسٽ پارٽي جو بچيل حصو عوامي جمهوري فورم جي صورت ۾ سامهون آيو ۽ سڀ اتحاد جو حصو بڻجي ويا.
امداد قاضي موجب انهي اتحاد ذريعي کاٻي ڌر کي هڪ نئين سياسي پليٽ فارم ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
پاڪستان جي ڪميونسٽ تحريڪ جي تاريخ مسلسل تنظيم سازي، نظرياتي بحثن ۽ ورهاستن سان ڀريل رهي آهي. جيتوڻيڪ هي پارٽيون مرڪزي سياست ۾ وڏو اثر نٿيون رکن، پر انهن جو ڪردار مزدور سياست، نظرياتي بحث ۽ سياسي شعور جي واڌاري ۾ اهم رهيو آهي.