ايشين گيمز 2026 لاءِ پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي قيادت صاحبزاده فرحان حوالي
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب ايشين گيمز 2026 لاءِ 15 رڪني قومي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي قيادت صاحبزاده فرحان ڪندو.
ايشين گيمز 2026 ۾ مردن جا ٽي20 انٽرنيشنل مقابلا 24 سيپٽمبر کان جاپان جي شهر آئيچي ۾ شروع ٿيندا، جڏهن ته ڪرڪيٽ جي ميڊل مقابلن جو فيصلو 3 آڪٽوبر تي ٿيندو.
پي سي بي موجب 30 ورهين جو صاحبزاده فرحان ٽيم جو ڪپتان هوندو، جڏهن ته عبدالصمد کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
صاحبزاده فرحان پاڪستان لاءِ هن وقت تائين 46 ٽي20 انٽرنيشنل ميچن ۾ 1305 رنسون ٺاهي چڪو آهي، جن ۾ 2 سينچريون ۽ 10 اڌ سينچريون شامل آهن.
نئين اسڪواڊ ۾ عاقف جاويد، علي رضا، معاذ صداقت ۽ سعد مسعود پهريون ڀيرو پاڪستان جي ٽي20 انٽرنيشنل ٽيم ۾ شامل ٿي راند ڪرڻ جا منتظر آهن.
ايشين گيمز جي اسڪواڊ ۾ شامل 15 رانديگرن مان 14 رانديگر 15 جون کان لاهور ۾ شروع ٿيندڙ وائيٽ بال ڪيمپ جو پڻ حصو هوندا.
قومي ٽيم جو اسڪواڊ
پاڪستان جي اسڪواڊ ۾ شامل رانديگر هي آهن: ڪپتان صاحبزاده فرحان، نائب ڪپتان عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عاقف جاويد، علي رضا، عرفات منهاس، حيدر علي ۽ حسن نواز شامل آهن.
ان کان علاوه معاذ صداقت، محمد سلمان مرزا، سعد مسعود، صائم ايوب، سفيان مقيم ۽ عثمان خان به اسڪواڊ جو حصو آهن.