پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي ٻاڙائي ڏٺي پئي وڃي۔
بازارِ حصص ۾ واپار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1446 پوائنٽن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ انڊيڪس گهٽجي ھڪ لک 69 هزار 32 پوائنٽن تي اچي ويو۔
اڄ واپار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 68 هزار 432 پوائنٽن جي گهٽ ترين سطح تائين به پهتو، جڏهن ته ھڪ لک 69 هزار 254 پوائنٽن جي بلند ترين سطح تائين به ويو۔
واضح رهي ته گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي واپار جي پڄاڻيءَ وقت 100 انڊيڪس ھڪ لک 70 هزار 478 پوائنٽن تي بند ٿيو هو۔