مشتاق راڄپر
سنڌ جي ڏاھي ۽ دانشور سياستدان رسول بخش پليجو صاحب جي اٺين ورسي 8 جون تي سندس ڳوٺ جنگشاھي ۾ ملھائي پئي وڃي، ان موقعي تي شخصي توڙي ذھني آزادي جا گيت (سانگس آف لبريشن) ڳايا ويندا، عورتون، نوجوانون ڪا گيت، جيڪو ھنن ڪتابن ۾ پڙھيو ھو تنھن تي رقص ٿيندو، پليجي جي گناھن مان معافي جي دعا جي بجاء سندس گذاريل زندگي کي سيليبريٽ ڪيو ويندو.
ھو توڻي جو سياستدان سان گڏ ھڪ وڏو نامور اديب ۽ ليکاري ھو پر سياست سندس زندگي جي مک سڃاڻپ رھي، تنھن ڪري رسول بخش پليجو جيڪو اديب ھو سو گھٽ سيليبريٽ ٿئي ٿوپر سندس سياست ورثو، شعور جون چنگون ۽ جن کي سندس حريڪ جا دوست سياسي ٻج چوندا ھئا، تنھن ٻج مان وڌي وڻن جا کار ٿيي پيا آھن، ۽ مونکي سندس تحريڪ جو عمل ڏسندي اھو چوڻ ۾ وڌاء محسوس نھ پيو ٿئي تھ اھي سياسي ٻج جيڪي وڌي وڻ ٿي ويا آھن سي ھاڻي ھڪ بغير سرحدن جي گلستان جي شڪل اختيار ڪري چڪا آھن جن جي مھڪ ۽ ھاڪ اوھان سنڌ کان ڪيترو بھ پري ھجو سا نھ رڳو محسوس ڪري سگھو ٿا بلڪھ تصور جانان جيان اوھان کي باغ و بھار ڪيو ڇڏي.
پليجي صاحب پنھجن تقريرن، تحريرن ۽ سياست ذريعي جن لکين سنڌين جي ذھنن تي اثر ڇڏيا، مان بھ انھن مان ھڪ آھيان، مان پاڻ کي سندس پوئلڳ نھ مڃيو آھي نھ ئي چوندس، ھا سندس اڳواڻيء ھلندڙ سياسي قافلي جو حصو ھيس، ۽ ان قافلي جو ھڪ ڪارڪن ھيس، پليجو اسان لاء سياسي پير نھ ھو جو مان پاڻ سندس پوئلڳ چوان.
مان زندگيء جو ڊگھو عرصو عوامي تحريڪ جو حصو رھيس، 1985 کان 2003 تائين اسان کيس پري کان ھڪ ليڊر جي حيثيت ۾ سندس نعرا ھڻندا کيس ڏٺو، اھو پليجو بنھ ٻيو ھو، پر 2003 ۾ جڏھن مان سنڌ يونيورسٽيء ڄامشورو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيس تھ ساڻس تمام ويجھو تعلق جڙندو ويو جيڪو اگسٽ 2009 تائين جاري رھيو، جو مان عوامي تحريڪ کان الڳ ٿي ويس. پورا ست سال منھجو ساڻس ڄڻ ڪو تعلق نھ ھو، ڪٿي ڪنھن پروگرام ۾ تقرير ڪرڻ ايندو ھو تھ مان اٿي ھليو ويندو ھيس، مٿس اعتماد ختم ٿي چڪو ھو، انھن ستن سالن ۾ مان ساڻس صرف ھڪ ڀيرو ۽ آخري ڀيرو ملڻ سندس گھر ويس، امريڪا لڏي پئي آيس سو دل چيو تھ ٻئي ڀيري جڏھن واپس اچان تھ الاء زندھ ھجي يا نھ، کيس الوعدا چئي اچان، تنھن ڪچھري جو ذڪر اڳ بھ ڪنھن تحرير ۾ ڪري چڪو آھيان سو ورجايان نھ ٿو. ساڻس اھا اّخري ملاقات ھئي.
انھن ستن سالان دوران ساڻس جيڪي اختلاف، اعتراض ۽ ناراضگيون ھنيون سي ڪڏھن تھ بنھ ياد نھ ھونديون، صرف ساڻس گھاريل حيدرآباد جون شامون، راتيون، سندس گاڏيء ۾ ڪيل سفر، سياسي جلسا، تقريرن جا ٽڪرا، ڪي اھڙا لفظ، انھن جا اچار ۽ ادائيگي ائين ذھن کي وڪوڙي ويندا آھن ڄڻ ماڻھو ڪي پراڻي محبوبھ جي ياد ۾ گم ٿي وڃي، جيجي زرينا بلوچ جي ڳايل ان گيت جيان تھ تون سان منھجان جھيڙا، تون سان منھجا ميلاتو بن او راڻل جيئڙو نھ لڳياسين ماڻھو لاڙ جا، لاڙ جي پاڇاڙ جا
اترڙو تو لڳي.
سندس يادن ۽ خيالن جي طاقت اھا آھي جوساڻس بغاوت ۽ اختلافن جا ست سال ائين غائب ٿيو وڃن ٿا ڄڻ ھئا ئي ڪونھ، ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ سندس سياسي خيالن ۾ ڪيڏي طاقت ۽ اثر ھو. انھن ستن سالان جي عرصي دوران ۽ سندس وفات بعد جيڪي گذريل پندرھ سال گذريا آھن مان عوامي تحريڪ ۽ ان جي برادر محاذن جي ڪافي دوستن کي نھ سڃاڻان، اسان ماضي آھيون ۽ ھو حال آھن، پر کين ڏسندي، سندن پليجي صاحب ۽ پارٽيء جي حق ۾ جھيڙا ڪندي ڏسي، تحريڪن توڙي احتجاجن ۾ پرجوش حصو وٺندي ڏسي، مونکي 1990 وارو ڏھاڪو ياد ايندو آھي، الاء ڪٿان اھڙي توانائي ايندي ھئي.
ٽنڊي الھيار ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جو جلسو ھو، تنھن لاء شاھپور چاڪر مان ماڻھن جي بس ڀري اچڻي ھئي، بس جا پئسھ نھ ھئا، دادوء واري ساٿي ممتاز ڀنڊ، جيڪو ان وقت زرعي يونيورسٽيء ۾ ايس ايس ٽيء جو ليڊر ھو، تنھن چيو تھ بس توھان کي مان يونيورسٽيء جي وٺي ٿو ڏيان، سا بس ملي، مان ڊرائيور سان اھا بس شاھپورچاڪر کڻي ويس، ٻارن ۽ پارٽين جي دوستن سان ڀري جلسي ۾ کڻي آيس، سڄو ڏينھن غائب ھجڻ ڪري جلسي جي تيارن جا ڪم، انتظام سخت متاثر ٿيا، ٽينڊي الھيار جا سڀ دوست بشمول عبدالرحمان سمون، حنيف سارنگ سڀ ساڻ ھئا، ان ئي جلسي ۾ حيدرآباد جي سنڌي فنڪار استاد امير علي جي ڪلام ھر بيت لطيف جو حق سچتي مشھور ٽيبلو ٿيو، اھو ايترو ڪامياب ويو جو سالن تائين عوامي تحريڪ جي جلسن ۾ اھو پيش ٿيندو رھيو. (اھو گيت انڊيا جي گاني ”تو جيس بڙي ھي مست مست“ جي ڌن جي نقل ھو، سو ماڻھو خوب جھومندا ھئا، ھوئن جلسا جيڪي غير سياسي ماڻھن لاء بوريت جو سبب بڻبا ھئا، اھڙن گيتن تي نوجوان ڇوڪرن توڙي عورتن جو رقص سڄي جلسي کي سانت ۾ آني کين آخري تقرير تائين قابو ڪري رکندو ھو، اھو ھو ثقافت، رقص، موسيقيء جو سياسي تحريڪ ۾ ڪردار جيڪو اسان پنھجين اکين سان عوامي جلسن ۾ ڏٺو. پليجي جي اھا سياسي واٽ پنھنجي سموري توانائي، جاھ و جلال سان جاري ساري آھي، پليجو سياسي طرح اڄ نھ صرف جنگشاھيء جي جلسي گاھ بلڪھ اسان جي ذھنن ۽ دلين ۾ زندھ آھي.
پليجي صاحب جو تقريرون اسان لاء نھ صرف سجاڳيء جوسڏ ۽ پڙاڏو بڻجي گونجن ٿيون بلڪھ اسان جي قومي شعور جي بنياد جو ڪم ڪن ٿيون، ماڻھو ڀلي چون ۽ سمجھن تھ پليجو قومپرست نھ ھو، پر سنڌي قوم ۽ ان جا بنيادي تاريخ حق سندس سياست جو مھور ھئا، ھو چاھي ھا تھ اردو توڙي انگريزيء ۾ لکي پئي سگھيو پر ھن مسلسل سنڌي ٻوليء ۾ لکيو، سياسي ادب ۾ سندس لکڻيون سنڌي ادب توڙي ٻوليء کي امير بڻائين ٿيون.
ھو جنگشاھي جي ڳوٺ منگر خان پليجو جي ھڪ تپيدار جو پٽ ھو، مان سندس ڳوٺ ۽ علائقي ۾ ڪئين ڀيرا ويو آھيان، اتي جا پھاڙ، جھنگ، آسپاس جو ماحول ڏسي يقين نھ ايندو آھي تھ انھن گھٽين مان نڪتل ھڪ سنڌي ٻار، جوان ٿي ايڏي وڏي تحريڪ ڪيئن پيدا ڪري سگھيو، ھو جينئس تھ ھو ئي پر تمام گھڻو محنتي ھو، بھادر ھو، ڏھاڪو سال کان مٿي جو عرصو جيل ڪاٽيائين، اقتداري سياست جي ڪڏھن ور نھ چڙھيو، مون سندس ذاتي دوستي توڙي تعلقاتن ۾ ڪو وڏيرو، ڪرپٽ ڪامورو يا زماني جي وھنوار سان ھلندڙ ماڻھو نھ ڏٺو، جڏھن کان اسان کيس ڏٺو سندس ڪا ذاتي زندگي نھ ھئي، سياسي ڪم سندس ذات ۾ ايئن سمايل ھو ڄڻ ھو سڀ ڪجھ سياسي ايجنڊا تي ڪندو ھجي. پاڻ ئي مشڪريء ۾ چوندو ھو تھ ”بابا بزنس فرسٽ“ پھرين ڪم جي ڳالھ ڪريون.
سندس اڳواڻيء ۾ ھلندڙ سياسي تحريڪ اسان سڀني کي سنڌ جو اسٽيڪ ھولڊر بڻايو، اسان کي سنڌ جي ڌر بڻايو، پاڻي، ناڻي، آئيني ترميمون ھجن، بجٽ ھجي، ڪرپشن ھجي، اھا سڀ ڏيتي ليتي جيڪا ھڪ وڏيرڪي ڪلاس جو خانداني مشغلو رھندي اچي چئي، تنھن کي ھارين، مڊل ڪلاس جي نوجوانن، عورتن ۽ مزدرون جي زندگين سان ڳنڊيو، ھن اسان جي زندگيء جي دلچسپين ۾ تمام گھڻو واڌرو ڪيو، ھن اسان کي ھڪ وڏي ڪم جو پيڇو ڪرڻ جي ڪم سان لڳائي ڇڏيو، اھو ڪم، ڳالھين ذريعي، تحريڪن ذريعي، لانگ مارچن جي ذريعي، مسلسل عمل جي ذريعي، سياسي ويڙھ جي ذريعي سندس پڄاڻان جاري رھندو اچي ٿو، اھائي سندس سياسي ليگيسي آھي، پليجوسياسي طرح اڄ بھ زندھ آھي.