آمريڪا ايران جي فٽبال ٽيم کي ويزا جاري ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

وائيٽ هائوس ايران جي فٽبال ٽيم کي ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا جا ويزا جاري ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

برطانوي خبر ايجنسي سان ڳالهائيندي وائيٽ هائوس جي عملدارن چيو ته ايران جي فٽبال ٽيم کي ورلڊ ڪپ مقابلن لاءِ آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جا ويزا جاري ڪيا ويا آهن.

ايران جي فٽبال ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي گروپ جي پهرين ميچ 15 جون تي نيوزيلينڊ خلاف لاس اينجلس ۾ کيڏندي.

ايران جي ٽيم لاس اينجلس ۾ ئي بيلجيم خلاف به مقابلو ڪندي، جڏهن ته ان کان پوءِ سِيٽل ۾ مصر خلاف ميچ کيڏندي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں