پاڪستان آسٽريليا کي ٽئين ون ڊي ۾ 4 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پاڪستان ٽن مئچن جي سيريز 1-2 سان پنھنجي نالي ڪري ورتي، پاڪستان 158 رنز جو ھدف 42ھين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو.
پاڪستاني بالرن شاندار بالنگ ڪري آسٽريلوي ٽيم کي 157 رنز تي پويلين موڪلي ڇڏيو، آسٽريليا ٽئين ۽ آخري مئچ ۾ پھريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 158 رنز جو ھدف ڏنو ھو، آسٽريلوي ٽيم جي ڪپتان جوش انگلس 65 رنز جي اننگز کيڏي، ليبوشين ۽ ايلڪس ڪيري 19، 19 رنز اسڪور ڪيا، ايڊم زمپا 10 رنز ٺاھي آئوٽ ٿي ويو.
پاڪستان طرفان شاھين آفريدي 3، ابرار احمد ۽ شاداب خان 2،2 رانديگرن کي پويلين جي راھ ڏيکاري، ھڪ رانديگر کي حارث رئوف آئوٽ ڪيو.
ھدف جي پويان پاڪستاني ٽيم بہ مشڪلات جو شڪار رھي، بابر اعظم 40 رنز جي اننگز کيڏي،معاذ صداقت 27 رنز ٺاھيا، آخر ۾ عبدالصمد ۽ شاداب خان ستين وڪيٽ لاءِ 49 رنز جي شراڪت بڻائي مئچ کٽرايو.
ياد رھي تہ ٽن مئچن جي سيريز جي پھرين مئچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪيٽ تان شڪست ڏني ھئي جڏھن تہ ٻئي مئچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 42 رنز تان شڪست ڏئي مئچ پنھنجي نالي ڪيو ھو.