ممبئي:2 ڏينهن اڳ بالي ووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي صحت بابت خبرون سامهون آيون هيون ته اداڪار کي فلم ”ڪنگ“ جي سيٽ تي شوٽنگ دوران حادثو پيش آيو ۽ کيس چيلھ ۾ ڌڪ لڳا آھن، جنهن سبب مداحن ۾ ڳڻتي وڌي وئي هئي. اھي بھ خبرون آيون ھيون تھ شاھ رخ خان نھ رڳو فلم جي شوٽنگ دوران زخمي ٿيو آھي پر ھنگامي بنيادن تي شوٽنگ ملتوي ڪري آمريڪا روانو ٿي ويو آھي، جتي ھو علاج ڪرائڻ سان گڏ ھڪ مھيني تائين آرام ڪندو پر ڀارتي ميڊيا تھ قصو ئي نئون ٻڌائي رھي آھي.
ڀارتي ميڊيا پنھنجي رپورٽس ۾ دعويٰ ڪئي آھي تھ شاھ رخ خان سان فلم جي سيٽ تي ڪو بھ حادثو پيش ناھي آيو ۽ نھ ئي ھو زخمي ٿيو آھي.اين ڊي ٽي وي پنھنجي رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو آھي ته شاهه رخ خان باقاعدگي سان پنهنجي علاج ۽ فزيوتراپي لاءِ آمريڪا ويندو رهندو آهي، هو جولاءِ جي ٻئي هفتي ۾ آمريڪا روانو ٿيو هو ۽ ھلندڙ مھيني جي آخر تائين سندس واپسي جو امڪان آهي

فلم جي سيٽ تي حادثي ۽ شاھ رخ خان جي زخمي ٿيڻ جي حوالي سان خبرن ۾ ڪا بھ صداقت ناھي، نھ ئي اداڪار جي ويجھن دوستن يا ڪٽنب جي ماڻھن اھڙي ڪنھن واقعي جي تصديق ڪئي آھي. شاھ رخ خان فزيو ٿراپي لاءِ آمريڪا ويل آھي، ھلندڙ مھيني ئي سندس ڀارت واپس اچڻ جو امڪان آھي، جيئن ئي ھو واپس آيو تھ فلم ڪنگ جي شوٽنگ ٻيھر شروع ڪئي ويندي.
شاھ رخ خان نئين فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف
بالي ووڊ اداڪار شاھ رخ خان ھن وقت پنھنجي نئين ايندڙ فلم ڪنگ جي شوٽنگ ۾ مصروف آھي، جنھن جي ڊائريڪٽر سڌارٿ آنند ڏئي رھيو آھي. ھن فلم ۾ شاھ رخ خان سان گڏ سندس ڌيءُ سھانا بھ پھريون ڀيرو فلمي پردي تي گڏ نظر ايندي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ بالي ووڊ جي مشھور اداڪارھ دپيڪا پڊوڪون، اڀيشڪ بچن، راني مکرجي، جيڪي شروف، فھيم فاضل ۽ اڀي ورما شامل آھن، فلم ڪنگ جي رليز جي ڪا تاريخ فائنل ناھي ٿي سگھي پر امڪان آھي تھ فلم ڪنگ کي 2026 جي وچ يا آخري ۾ رليز ڪري سگھجي ٿو. شاھھ رخ خان تقريبن ٻن سالن جي وقفي کانپوءِ فلمي پردي تي نظر اچي رھيو آھي، سندس 2023 ۾ رليز ٿيل فلمون جوان، ڊنڪي ۽ پٺاڻ رڪارڊ بزنس ڪري چڪيون آھن. اداڪار شاھ رخ خان جي مداحن کي سندس نئين ايندڙ فلم جو بي صبري سان انتظار آھي.