ٻيو ون ڊي: آسٽريليا پاڪستان کي 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

ٻئي ميچ ۾ آسٽريليا پاڪستان کي 42 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 سان برابر ڪري ڇڏي۔

لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽاس کٽي آسٽريليا کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني۔

مهمان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 231 رنسون ٺاهيون۔

آسٽريليا طرفان ڪيمرون گرين 53، جوش انگلس 51 ۽ ميٽ رنشا 43 رنسن سان نمايان رهيا۔

پاڪستان طرفان ڪپتان شاهين آفريدي 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته حارث رئوف، عرفات منهاس ۽ ابرار احمد 2،2 وڪيٽون ورتيون۔

232 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 44 اوورن ۾ 190 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي۔

پاڪستان طرفان شاداب خان ناٽ آئوٽ 71 رنسن جي اننگ کيڏي. ان کان علاوه غازي غوري 37 ۽ عرفات منهاس 33 رنسون ٺاهيون۔

آسٽريليا طرفان ناٿن ايليس 4 ۽ ميٿيو شارٽ 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو۔

ياد رهي ته پهرين ميچ ۾ پاڪستان آسٽريليا کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي، ۽ ٽن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستان کي 1-0 جي برتري حاصل هئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں