تهران: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر وڌي وئي آهي. اڄ صبح سوير ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي تي ميزائلن ۽ ڊرونن سان حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي الزام هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن۔
آمريڪي فوج پاران ايراني ٻيٽ قشم تي ڪارروائي جي دعويٰ کانپوءِ ايران خطي ۾ موجود آمريڪي مفادن ۽ فوجي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪندي جوابي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي۔
ايراني پاسدارانِ انقلاب موجب آمريڪي هدفن تي ميزائل ۽ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن۔
پاسدارانِ انقلاب جو چوڻ آهي ته آمريڪا قشم ٻيٽ تي موجود ڪميونيڪيشن ٽاور تي حملو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو۔
ايراني ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب آمريڪي ففٿ فليٽ هيڊڪوارٽر، ايئر بيس ۽ هيليڪاپٽرن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته اها ڪارروائي آمريڪي حملن جي جواب ۾ ڪئي وئي. پاسدارانِ انقلاب موجب آبنائي هرمز ڀرسان ايراني آئل ٽينڪر تي حملي کانپوءِ هڪ جهاز کي به ميزائلن سان نشانو بڻايو ويو۔
ايراني ميڊيا موجب پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته آبنائي هرمز جي سلامتي کي متاثر ڪرڻ جي قيمت آمريڪا کي ادا ڪرڻي پوندي۔
پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل حسين محبيٰ چيو آهي ته ايراني فوج ڪنهن به امڪاني صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳ کان وڌيڪ تيار آهي ۽ دشمن کي جارحيت جي صورت ۾ مختلف نوعيت جي فوجي ڪاررواين کي منهن ڏيڻو پوندو۔
هن وڌيڪ چيو ته جنگ جو ميدان ۽ استعمال ٿيندڙ هٿيار به مختلف هوندا، جڏهن ته جنگبندي دوران ايران جي فوجي صلاحيتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي۔
خاتم الانبيا سينٽرل هيڊڪوارٽرز جي ڊپٽي انسپيڪٽر بريگيڊيئر جنرل جعفر اسدي چيو آهي ته آمريڪا مڪمل سرينڊر جو مطالبو ڪري رهيو آهي، پر ايراني قوم ڪڏهن به نه جهڪندي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪا سان ٻيهر جنگ تقريباً اڻٽڙ بڻجي چڪي آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته ايران اڃا تائين پنهنجي مڪمل فوجي صلاحيت ظاهر ناهي ڪئي، ۽ جيڪڏهن جنگ ۾ نيٽو به شامل ٿئي ته به ايران کي ڪا پريشاني نه ٿيندي۔
ٻئي پاسي آمريڪي سينٽ ڪام ايراني بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔
آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب ايران پاڙيسري ملڪن ڏانهن بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، پر اهي پنهنجن هدفن تائين نه پهچي سگهيا. ڪويت ڏانهن فائر ڪيل ٻه ميزائل رستي ۾ ڪري پيا، جڏهن ته بحرين ڏانهن فائر ڪيل ٽي ميزائل آمريڪي ۽ بحريني فوجن تباهه ڪري ڇڏيا۔
سينٽ ڪام جو چوڻ آهي ته ايران طرفان بحري جهازن تي ڪيل ٽي ڊرون حملا پڻ ناڪام بڻايا ويا. آمريڪي بيان موجب بحرين ۾ ففٿ فليٽ هيڊڪوارٽر ۽ ايئر بيس کي نشانو بڻائڻ واري دعويٰ غلط آهي۔
آمريڪي فوج جو چوڻ آهي ته قشم تي حملو ڪري ايراني فوجي تنصيب کي نشانو بڻايو ويو، ۽ اهي حملا ايران جي ميزائل ۽ ڊرون حملن جي جواب ۾ ڪيا ويا۔
هوڏانهن آمريڪي فوجن بوٽسوانا جي جهنڊي واري هڪ آئل ٽينڪر کي به ناڪاره بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جيڪو ايراني ٻيٽ خارگ ڏانهن وڃي رهيو هو۔
واضح رهي ته هن وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ واري آهي، جنهن سبب خطي ۾ امن امان بابت سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي۔