اڳوڻي آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر اين هيلي آسٽريلوي بيٽرن جي اسپنرز کي کيڏڻ واري انداز تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن۔
اين هيلي چيو ته کيس ٻين ملڪن بابت خبر ناهي، پر آسٽريلوي رانديگرن لاءِ 50 اوورن جي ڪرڪيٽ مشڪل ٿي وئي آهي۔ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ ڪارڪردگيون ٽريوس هيڊ ۽ اسٽييو اسمٿ جي چوڌاري گهمن ٿيون، جڏهن ته ون ڊي ٽيم ۾ ڪو به بيٽر گهڻيون بالون نٿو کيڏي۔ هو تمام گهڻي بي صبري ڏيکارين ٿا ۽ وڌيڪ باونڊريون هڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔
اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر جو چوڻ هو ته پاڪستاني اسپنرن کي کيڏڻ لاءِ اڳتي نڪري کيڏڻو پوندو ۽ اٽيڪ ڪرڻو پوندو۔ پاڪستاني اسپنرن خلاف بال مس ڪرڻ جي خوف ۾ نه اچڻ گهرجي۔ هن چيو ته هو پاڻ کي ڪو وڏو ماهر نٿو سمجهي، پر هو ڊين جونز جو ضرور ذڪر ڪندو، جيڪو مخالف اسپنرن جو اثر پنهنجي پيرن جي بهتر استعمال سان ختم ڪري ڇڏيندو هو۔
هن وڌيڪ چيو ته هو به ڪريز ۾ بيهي بال جو انتظار ڪندو هو ۽ سوئپ يا ڪٽ شاٽ کيڏندو هو، پر ڊين جونز بال جي لائين تي ڊوڙي کيڏندا هئا۔ جيڪڏهن ڊين جونز کي اڳتي نڪرڻ جو موقعو نه ملندو هو ته هو ليگ سائڊ جي گيپن ۾ شاٽس کيڏندا هئا۔ هن چيو ته اسان کي هن وقت “ڊانسنگ فوٽ ورڪ” جي ضرورت آهي ته جيئن شاٽس ٺهن، نه ڪي ڪريز ۾ بيهي رهجي۔
ياد رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ کيڏيل پهرين هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ پاڪستاني اسپنرن شاندار بالنگ ڪندي آسٽريلوي بيٽرن کي سخت پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو هو۔ ون ڊي ڊيبيو ڪندڙ عرفات منهاس 5 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، جڏهن ته ابرار احمد 2 ۽ سلمان علي آغا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، اهڙي طرح مجموعي طور تي 8 وڪيٽون اسپنرن جي حصي ۾ آيون۔