ايندڙ ھفتي ايران سان معاھدو ٿي ويندو، جنگبندي ۾ واڌ ڪئي ويندي: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس يقين آهي ته ايندڙ هفتي دوران ايران سان معاهدو ٿي ويندو ۽ ان معاهدي تحت جنگبندي ۾ به واڌ ڪئي ويندي.

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ آمريڪي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته معاهدي تحت آبنائي هرمز کي ٻيهر آمدورفت لاءِ کوليو ويندو.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران آمريڪا کي جنگبندي بابت پيغامن جي ڏي وٺ روڪڻ بابت آگاهه ناهي ڪيو ۽ پيغامن ۾ تعطل جو اهو مطلب ناهي ته آمريڪا ٻيهر ايران تي بمباري شروع ڪري ڇڏيندو.

آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته جنگبندي بابت پيغامن جي ڏي وٺ روڪڻ واري ايراني فيصلي سان ڪو مسئلو نه ٿيندو، آمريڪا ان وقت جو انتظار ڪندو جڏهن ايران آمريڪي شرطن تي معاهدي لاءِ تيار ٿيندو. هن چيو ته اسان خاموش رهنداسين ۽ ايران جي سامونڊي ناڪابندي جاري رکنداسين.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں