ايران جوھري هٿيار حاصل نه ڪندو، معاهدي ۾ تفصيلي شقون شامل آهن: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران سان تجويز ڪيل معاهدي بابت آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين جي رپورٽنگ غلط آهي، ڇو ته معاهدي ۾ ايران جي جوهري پروگرام بابت انتهائي مضبوط ۽ تفصيلي شقون شامل آهن.

صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل پوسٽ ۾ چيو ته سي اين اين هميشه وانگر ڪوڙيون خبرون ڦهلايون ۽ غلط طور تي دعويٰ ڪئي ته ايران سان لاڳاپيل معاهدي ۾ جوهري معاملن جو ذڪر ئي ناهي.

ٽرمپ موجب حقيقت اها آهي ته معاهدي ۾ واضح طور تي لکيل آهي ته ايران جوهري هٿيار حاصل نه ڪندو، ۽ جوهري معاملا هن معاهدي جو مرڪزي حصو آهن.

آمريڪي صدر چيو ته معاهدو انتهائي مضبوط آهي ۽ ان ۾ جوهري معاملن جي مختلف پهلوئن تي تفصيل سان ڳالهايو ويو آهي، حقيقت ۾ معاهدي جو وڏو حصو انهيءَ موضوع تي ٻڌل آهي.

ٽرمپ پنهنجي پوسٽ ۾ سي اين اين تي تنقيد ڪندي سوال ڪيو ته ڇا نئين مالڪي هيٺ هي نيٽ ورڪ پنهنجي ساک ٻيهر بحال ڪري سگهندو يا نه.

ان کان اڳ صدر ٽرمپ جمعي ڏينهن آبنائي هرمز کولڻ جو اعلان ڪيو هو، پر هاڻي هن چيو آهي ته معاهدي تي صحيحون ٿيندي ئي آبنائي هرمز کوليو ويندو.

آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران هن وقت تمام خراب صورتحال ۾ آهي، ۽ ايران جي فوج، بحريه ۽ فضائيه کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ايراني سرڪاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا سان پيغامن جي ڏي وٺ جاري آهي، ۽ جيستائين ڪو واضح نتيجو سامهون نٿو اچي، تيستائين ڳالهين بابت ڪا راءِ يا فيصلو نٿو ڏئي سگهجي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں