ڪراچي: مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حاجين جي وطن واپسي لاءِ سعودي عرب مان اڏامن جو آغاز 31 مئي کان ٿيندو.
مذهبي معاملن واري وزارت موجب پهرين حج اڏام 31 مئي جي رات جدہ کان روانو ٿيندي ۽ سيالڪوٽ پهچندي، جنهن ذريعي 391 حاجي وطن واپس ايندا. حج آپريشن دوران گهڻيون اڏامون پاڪستاني وقت موجب پهرين جون تي مختلف شهرن ۾ لينڊ ڪنديون.
وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته پهرين جون تي 22 اڏامن ذريعي 5237 حاجي وطن پهچندا. پهرين ڏينهن حج آپريشن دوران 5 اڏامون اسلام آباد اينديون، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ 4،4 اڏامون، ملتان ۽ سيالڪوٽ ۾ 3،3 ، فيصل آباد ۾ 2 ۽ ڪوئٽه ۾ هڪ اڏام حاجين کي کڻي پهچندي.
مذهبي معاملن واري وزارت ٻڌايو آهي ته حج آپريشن جي آخري اڏام 30 جون تي لاهور پهچندي، جڏهن ته مدينه منوره مان حج آپريشن جون اڏامون 3 جون کان شروع ٿينديون.
وزارت موجب سرڪاري اسڪيم تحت 471 اڏامن ذريعي ھڪ لک 19 هزار حاجين کي وطن واپس آندو ويندو.