لائیو حج جي مقدس سفر منهنجي روح ۾ اهڙي چمڪ پيدا ڪئي آهي جيڪا هميشه روشن رھندي: وسيم اڪرم

فہرستِ مضامین

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اکرم حج جي ادائيگي بابت سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو آهي۔

سوشل ميڊيا پيغام ۾ هن لکيو ته: “الحمدلله! الله تعاليٰ جا لک ٿورا جو هن مون کي بيت الله جي حج جي سعادت نصيب ڪئي.”

وسيم اکرم وڌيڪ لکيو ته ڪيترن ئي ماڻهن اندازا ۽ گمان لڳايا ته هي سفر ڪنهن ڪرايو ۽ ڪيئن ٿيو، پر حقيقت اها آهي ته هي منهنجو خالص ذاتي فيصلو هو۔

هن لکيو ته مون پنهنجي دل ۾ هڪ اهڙو روحاني مقام محسوس ڪيو جتي حج جو فرض ادا ڪرڻ ضروري ٿي ويو. هن مقدس سفر منهنجي روح ۾ هڪ اهڙي چمڪ پيدا ڪئي آهي جيڪا هميشه روشن رهندي۔

اڳوڻي ڪرڪيٽر وڌيڪ لکيو ته دعا آهي ته منهنجا ڪيترائي ڀائر ۽ ڀينر به هن روحاني سفر لاءِ همت ڪن، حج جي سعادت حاصل ڪن ۽ انهي خوشي سان سرشار ٿين۔

واضح رهي ته هن ڀيري وسيم اکرم سميت پاڪستان جون ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون به فريضهٔ حج ادا ڪري چڪيون آهن۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں