پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پهريون ون ڊي ميچ اڄ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو، ٻنهي ڪپتانن ٽرافي جي رونمائي ڪري ڇڏي آهي۔
راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ اڄ ٿيندڙ ون ڊي ميچ جون سڀ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن۔
قومي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي ۽ آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلس ٽرافي رونمائي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻنهي ٽيمن ڀرپور پريڪٽس سيشن به ڪيو آهي۔
پاڪستاني بيٽسمينن ٽريننگ جي پهرين مرحلي ۾ فاسٽ بالر ۽ ٻئي مرحلي ۾ اسپنرز خلاف بيٽنگ جي مشق ڪئي. هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن نيٽس ۾ رانديگرن کي هدايتون ڏيندي نظر آيو.
ميچ لاءِ پچ به تيار ڪئي وئي آهي. ميچ جي ٽاس شام 4 وڳي ٿيندي، جڏهن ته مقابلو ساڍي 4 وڳي شروع ٿيندو.
پريس ڪانفرنس ۾ شاهين شاه آفريدي چيو ته هر رانديگر کي پنهنجي راند ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي، هيڊ ڪوچ مائڪ هيسن به رانديگرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هوندي، اسان لاءِ هر رانديگر اهم آهي، جڏهن ته سليڪٽرز جي ڪوشش آهي ته نوجوان رانديگرن کي موقعا ڏنا وڃن۔
آسٽريلوي ڪپتان جوش انگلس چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ٽيم آهي، انهن کي آسان نه ٿو سمجهي سگهجي۔