پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار اپڊيٽ جاري ٿي وئي آهي، جنهن موجب هن ڪاروباري هفتي ۾ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان رهيو۔
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هن هفتي 100 انڊيڪس 6118 پوائنٽس جي اضافي سان 173962 تي بند ٿيو۔
ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 3944 پوائنٽس جي حد (بينڊ) ۾ رهيو، جڏهن ته انڊيڪس جي هفتي جي بلند ترين سطح 174106 ۽ گهٽ ترين سطح 170161 رهي۔
حصص مارڪيٽ ۾ هن هڪ هفتي دوران 1.06 ارب شيئرز جا سودا 72 ارب رپين ۾ طئي ٿيا۔
مارڪيٽ جي ڪل سرمائيداري (مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن) هفتي دوران 549 ارب رپيا گهٽجي 19166 ارب رپيا ٿي وئي۔