ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم ۽ نمي وارو رهڻ جو امڪان آهي۔
موسميات کاتي موجب شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي۔
ڪراچي شھر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 29.8 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڏکڻ-اولهه طرف کان 16 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جن ۾ نمي جو تناسب 79 سيڪڙو آهي۔