لائیو ايران خلاف ٻيهر جنگ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون: آمريڪي بچاءَ وارو وزير

فہرستِ مضامین

آمريڪي بچاءَ واري وزير پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته آمريڪا وٽ ايترا هٿيار ۽ فوجي وسيلا موجود آهن جو ضرورت پوڻ تي ايران خلاف جنگ ٻيهر شروع ڪري سگهجي ٿي۔

پيٽ هيگسيٿ سنگاپور ۾ ٿيندڙ شنگريلا دفاعي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته آمريڪي هٿيارن جا ذخيرا ڪنهن به ممڪن ڪارروائي لاءِ ڪافي آهن۔

آمريڪي بچاءَ واري وزير جو هي بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون ڪنهن به حتمي معاهدي تائين نه پهتيون آهن۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان امن معاهدو ويجهو آهي، پر ايراني اختيارين ڪنهن به حتمي اتفاق جي تصديق ناهي ڪئي۔

پيٽ هيگسيٿ پنهنجي خطاب ۾ چين جي وڌندڙ فوجي طاقت تي به ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي۔

هن چيو ته خطي ۾ چين جي فوجي سرگرمين ۽ دفاعي وسعت بابت جائز خدشا موجود آهن، پر آمريڪا غير ضروري محاذ آرائي نٿو چاهي۔

آمريڪي بچاءَ واري وزير چيو ته آمريڪا ايشيا ۾ اهڙو طاقت جو توازن قائم رکڻ چاهي ٿو جنهن ۾ ڪو به ملڪ، بشمول چين، خطي تي پنهنجي بالادستي مسلط نه ڪري سگهي۔

آمريڪي بچاءَ واري وزير بيجنگ سان احترام ۽ نيڪ نيت تي ٻڌل لاڳاپن جي خواهش جو به اظهار ڪيو آهي۔

هن واضح ڪيو ته تائيوان بابت آمريڪي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي، پر مستقبل ۾ هٿيارن جي وڪري بابت فيصلا آمريڪي صدر جي صوابديد تي هوندا۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں