ڀارت: ملڪيت جي تڪرار تان پٽ پنهنجي پيءُ ، ڏاڏي سميت چئن گھر ڀاتين کي قتل ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

ڀارت جي رياست راجسٿان ۾ هڪ گاڏي کي لڳل باهه جو واقعو خوفناڪ قتل ڪيس ۾ تبديل ٿي ويو آهي۔

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس ابتدائي طور تي ٻڌايو ته اڳوڻي سرپنچ رام سنگهه چوهڙي، سندس ٻي زال، ماءُ ۽ ڀاڻيجي کي قتل ڪرڻ بعد لاش گاڏي ۾ رکي باهه ڏني وئي ته جيئن واقعي کي حادثو ظاهر ڪيو وڃي۔

ميڊيا رپورٽن مطابق جاچ دوران پوليس کي 17 ورهين جي پٽ جو رويو مشڪوڪ لڳو، جنهن کان پوءِ تحقيق جو رخ تبديل ٿي ويو۔

پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري تقريباً 5 مهينن تائين منصوبابندي ڪئي ۽ واردات واري رات هن سڀ کان پهرين پنهنجي پيءُ تي چاقو سان حملو ڪيو۔

پوليس موجب گوڙ ٻڌي ٻي زال، ماءُ ۽ ڀاڻيجي به واقعي واري هنڌ پهچي ويون، جن کي اتي ئي قتل ڪيو ويو. جاچ دوران اهو به سامهون آيو آهي ته 17 ورهين جي ملزم جي ماءُ ۽ مامي مبينا طور تي سندس مدد ڪئي هئي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته خاندان ۾ ٻي شادي، ملڪيت ۽ وراثت جي معاملن تي ڊگهي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو، جڏهن ته مقتول جي ڀاڻيجي مالي معاملن ۽ زمينن جي سنڀال ڪندي هئي، جنهن تي اختلاف وڌيڪ وڌي ويا هئا۔

ڀارتي ميڊيا موجب قتل کان پوءِ لاشن کي گاڏي ۾ رکي باهه ڏني وئي، پر چاقو جا نشان ۽ گاڏي ۾ لاشن جي غير معمولي حالت سبب مبينا منصوبو بي نقاب ٿي ويو. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں