واشنگٽن: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيھي معاملن واري وزير اسحاق ڊار واضح ڪيو آهي ته ابراهيمي معاهدي بابت افواهون گردش ڪري رهيون آهن، پر پاڪستان فلسطين جي معاملي تي پنهنجي اصولي مؤقف تي قائم آهي ۽ فلسطين کي تسليم ڪرڻ تائين ابراهيمي معاهدي تي ڪا به لچڪ نه ڏيکاري ويندي۔
واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو مؤقف واضح آهي ته جيستائين 1967 کان اڳ واري سرحدن مطابق ۽ القدس الشريف کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي فلسطيني رياست کي تسليم نه ڪيو وڃي، تيستائين پاڪستان پنهنجي موقف ۾ ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪندو۔
هن چيو ته پاڪستان امن جو حامي آهي ۽ عالمي سطح تي ايران-آمريڪا ڳالهين ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان تقريباً 47 سالن بعد آمريڪا ۽ ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۽ ابتدائي رابطن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔
اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي قيادت ۾ پاڪستان کي عالمي سطح تي نئين سڃاڻپ ملي آهي ۽ ڀارت جون پاڪستان کي اڪيلو ڪرڻ واريون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن۔
هن ٻڌايو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني سفير ۽ پرڏيهي آفيس جا ٻيا عملدار به موجود هئا۔
فلسطين ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي قراردادن مطابق حقِ خوداراديت ملڻ گهرجي ۽ پاڪستان ٻنهي مسئلن تي پنهنجي مؤقف تي مضبوطي سان قائم آهي۔
ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تازي بيان ۾ چيو هو ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ معاهدي کان پوءِ مسلم ملڪ، جن ۾ سعودي عرب، قطر ۽ پاڪستان شامل آهن، کي ابراهيمي معاهدي جو حصو بڻجڻ گهرجي۔