تهران: ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته پاڪستان معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اثرائتو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو۔
ايراني صدر مسعود پزشڪيان سفارتي عمل ۾ پاڪستان جي تعميري ڪوششن تي ٿورا مڃيا۔ هن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته علائقي ۾ تڪرارن جي حل لاءِ سفارتڪاري کي ترجيح حاصل آهي۔
مسعود پزشڪيان چيو ته ايران سڀ معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته مسلم ملڪن سان لاڳاپن جي واڌ ويجهه علائقي جي استحڪام لاءِ ضروري آهي۔
واضح رهي ته ايراني صدر ملائيشيا ۽ پاڪستان جي وزيراعظمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کين عيدالاضحيٰ جون واڌايون ڏنيون، جڏهن ته ملائيشيا جي انساني همدردي واري مؤقف کي پڻ ساراهيو۔