ٽرمپ جي صدارت هيٺ اجلاس بنا نتيجي ختم، ايران بابت ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ سچويشن روم ۾ ٿيل اجلاس بنا ڪنهن نتيجي جي ختم ٿي ويو، ڊونلڊ ٽرمپ ايران سان جنگبندي ۾ واڌ واري معاهدي بابت ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو۔

خبر ايجنسي موجب وائيٽ هائوس طرفان اجلاس جا تفصيل جاري نه ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ آمريڪي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس بي نتيجو رهيو۔

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز موجب ايران واري معاملي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قيادت ۾ وائيٽ هائوس جي سچويشن روم ۾ ٻه ڪلاڪ اجلاس جاري رهيو۔

نيويارڪ ٽائمز موجب ايران معاهدي بابت ٽرمپ جو حتمي فيصلو ملتوي ٿي ويو ۽ اجلاس بنا نتيجي ختم ڪيو ويو، جڏهن ته وائيٽ هائوس طرفان پڻ سچويشن روم اجلاس ختم ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، پر تفصيل جاري نه ڪيا ويا۔

ان کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته جيڪي جهاز آبنائي هرمز ۾ اسان جي شاندار ۽ بي مثال ناڪابندي سبب ڦاسي پيا هئا، اهي هاڻي واپس وڃڻ جو عمل شروع ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته آبنائي هرمز مان سڀ سامونڊي بارودي سرنگون به ختم ڪيون وينديون۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں