ايراني صدر مسعود پزشکيان وزيراعظم شهباز شريف سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ايراني صدر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هن پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظمن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن دوران کين عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون.
هن وڌيڪ چيو ته ٻنهي وزيراعظمن سان ڳالهه ٻولهه دوران ايران جي سفارتي حڪمت عملي سان وابستگي تي زور ڏنو ويو.
مسعود پزشکيان پاڪستان جي طرفان معاهدي تائين پهچڻ لاءِ اثرائتي ڪوششن ۽ ثالثي واري ڪردار کي ساراهيو.
هن وڌيڪ چيو ته ايران جي پاليسي مسلم ۽ پاڙيسري ملڪن سان هر شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ آهي.
ايراني صدر اهو به چيو ته هن ملائيشيا جي انساني همدردي تي ٻڌل مؤقف اختيار ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو۔