ايران سان اڃا تائين معاهدو ناهي ٿيو، ٻئي ملڪ معاهدي جي تمام ويجهو آھن: آمريڪي نائب صدر

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس چيو آهي ته ايران سان اڃا تائين معاهدو ناهي ٿيو، پر ٻئي ملڪ معاهدي جي تمام ويجهو آهن۔

واشنگٽن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آمريڪي نائب صدر چيو ته ايران آمريڪا سان معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ بابت معاهدي لاءِ ڪافي اڳڀرائي ٿي چڪي آهي۔

جي ڊي وينس چيو ته اسان ڪجهه نقطن تي ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڃا معاهدي جي منظوري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، وڌيڪ اڳڀرائي کانپوءِ صدر معاهدي جي توثيق ڪرڻ واري پوزيشن ۾ هوندو۔

هن چيو ته ٻئي ملڪ معاهدي جي تمام ويجهو آهن۔ آمريڪا اهڙي پوزيشن ۾ آهي جو تهران جي جوهري پروگرام کي پوئتي ڌڪي سگهي ٿو۔

جي ڊي وينس جو چوڻ هو ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته صدر ٽرمپ ايران سان مفاهمتي يادداشت تي ڪڏهن صحيحون ڪندو۔

ان کان اڳ آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايگزيوس دعويٰ ڪئي هئي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ڪندڙن وچ ۾ جنگبندي ۾ واڌ ۽ ايران جي جوهري پروگرام بابت ڳالهين جي شروعات لاءِ 60 ڏينهن واري مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي اتفاق ٿي ويو آهي۔

ويب سائيٽ ذريعن جي حوالي سان چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڃا تائين ان جي حتمي منظوري ناهي ڏني۔

ويب سائيٽ موجب هن مفاهمتي يادداشت تي صحيحون جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان وڏي سفارتي اڳڀرائي هوندي، جڏهن ته ايران جي جوهري پروگرام بابت ٽرمپ جي مطالبن کي پورو ڪرڻ لاءِ حتمي معاهدي تائين پهچڻ خاطر وڌيڪ سخت ۽ تفصيلي ڳالهين جي ضرورت پوندي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں