آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل مارش جي پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز ۾ شرڪت مشڪوڪ ٿيڻ سبب سندس جاءِ تي جوش انگلس جي قيادت ڪرڻ جو امڪان آهي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پهريون ون ڊي ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ۾ شيڊول آهي.
آسٽريليا جي ميڊيا موجب مچل مارش آءِ پي ايل دوران گوڏي جي انجري ۽ ٿڪاوٽ جو شڪار ٿيو، جڏهن ته پيٽ ڪمنز ۽ ٽريوس هيڊ آءِ پي ايل ۾ مصروف آهن، جنهن سبب جوش انگلس ڪپتاني جو اميدوار بڻجي ويو آهي.
مچل مارش جي غير موجودگي ۾ اولي پيڪ جي انٽرنيشنل ڊيبيو جو به امڪان آهي۔