اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري بابت گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آھي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي۔
عوامي جمهوريه چين جي اسٽيٽ ڪائونسل جي وزيراعظم لي چيئانگ جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 مئي کان 26 مئي 2026 تائين چين جو سرڪاري دورو ڪيو۔
وزيراعظم شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي، جڏھن ته چين جي وزيراعظم لي چيئانگ وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ڌرين خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چين ۽ پاڪستان جي هر موسم واري اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن تي اتفاق ڪيو.
وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگرهه جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي، ۽ صوبو ژي جيانگ جي شهر هانگژو جو به ڪامياب دورو ڪيو۔
پاڪستان ۽ چين ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چين ۽ پاڪستان جي روايتي دوستي، جيڪا ڪيترين نسلن جي قيادتن طرفان وڌائي وئي آهي، ٻنهي ملڪن ۽ عوام لاءِ هڪ قيمتي اثاثو ۽ اسٽريٽجڪ سرمايو آهي. سفارتي لاڳاپن جي 75 سالن دوران هي دوستي هر قسم جي عالمي ۽ علائقائي حالتن باوجود مضبوط رھي آهي، ۽ ٻنهي ملڪن هميشه هڪ ٻئي تي اعتماد، احترام ۽ حمايت جو اظهار ڪيو آهي ۽ ڏکئي وقتن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي.
اعلاميي ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ اهڙي دنيا ۾ جتي صدين ۾ نه ڏٺل تبديليون رونما ٿي رھيون آهن، چين-پاڪستان جي “هر موسم جي اسٽريٽجڪ تعاون واري شراڪت” وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. چين ۽ پاڪستان نئين دور ۾ گڏيل مستقبل واري برادري جي تعمير کي تيز ڪندا، جيڪا چين ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ گڏيل مستقبل جي هڪ مثال قائم ڪندي.
ٻنهي ملڪن عزم ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ ثابت قدم رهندا، اعليٰ سطحي رابطن کي جاري رکندا، ۽ نئين دور جي ايڪشن پلان تحت نمايان اڳڀرائي ڪندا. ان سان گڏ باهمي اعتماد، عملي تعاون، دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي فروغ ڏنو ويندو ۽ بين الاقوامي ۽ علائقائي معاملن تي ويجهو رابطو رکيو ويندو، ته جيئن هن تعلق کي ٻنهي عوام جي فائدي ۽ خطي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ بهتر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي.
پاڪستان انسانيت جي گڏيل مستقبل واري برادري جي ويزن تحت گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو، گلوبل سولائيزيشن انيشيٽو ۽ گلوبل گورننس انيشيٽو جي مڪمل حمايت جو اعادو ڪيو. اهي منصوبا صدر شي جن پنگ طرفان پيش ڪيا ويا آهن.
ڌرين صدر آصف علي زرداري جي اپريل ۽ مئي 2026 ۾ چيني صوبن هونان ۽ هاينان جي دورن، ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي جنوري 2026 ۾ چين جي دوري کي ساراهيو. ڌرين جنوري 2026 ۾ چين-پاڪستان پرڏيهي وزيرن جي اسٽريٽجڪ ڊائلاگ جي ستين دور، چين-پاڪستان سياسي جماعتن جي فورم ۽ سي پيڪ سياسي جماعتن جي گڏيل مشاورتي ميڪنزم جي اجلاس جي ڪاميابيءَ جو به خيرمقدم ڪيو.
پاڪستان مئي 2026 ۾ چين جي قومي ڪانگريس جي ڪميٽي جي نائب چيئرمين کائي دا فينگ جي پاڪستان جي دوري کي ساراهيو، جن پاڪستان–چين سفارتي لاڳاپن جي 75هين سالگرهه جي تقريبن ۾ شرڪت ڪئي. ٻنهي ملڪن استراتيجي ڳالهه ٻولهه ۽ مختلف سطحن تي تبادلن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي مڪمل حمايت جو اعاديو ڪيو. پاڪستان هڪ چين پاليسي سان پنهنجي غيرمتزلزل وابستگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته تائيوان عوامي جمهوريه چين جو اٽوٽ حصو آهي. پاڪستان تائيوان جي آزادي جي هر شڪل جي مخالفت ۽ قومي اتحاد لاءِ چين جي ڪوششن جي حمايت جو اعاديو ڪيو.
پاڪستان سنڪيانگ، زيجانگ، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ چين سمنڊ بابت چين جي موقف جي حمايت ڪئي. چين پاڪستان جي خودمختياري، آزادي، علائقائي سالميت، قومي سلامتي، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي مستقل حمايت جو اعاديو ڪيو.
پاڪستان چين کي 14هين پنج سالا منصوبي جي اسٽريٽجڪ هدفن جي ڪامياب تڪميل ۽ 15هين پنج سالا منصوبي جي مؤثر شروعات تي مبارڪباد ڏني. چين پاڪستاني قيادت کي “اُڏان پاڪستان (2024-2029)” تحت معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي ملڪن بيلٽ اينڊ روڊ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ، سي پيڪ جوائنٽ ڪوآپريشن ڪميٽي (JCC) جا اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ سي پيڪ 2.0 جي اعليٰ معيار واري ترقي تي اتفاق ڪيو.
ان دوري دوران ٻنهي ملڪن قراقرم هاءِ وي (ٿاکوت–رائڪوٹ ري الائنمينٽ منصوبي) کي مرحليوار مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. گوادر پورٽ کي علائقائي رابطي جو مرڪز بڻائڻ ۽ خنجراب پاس جي مؤثر استعمال سان زميني رابطن کي وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي ڌرين ٽئين ملڪن کي به سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏني.
ٻنهي ملڪن مقامي ضرورتن مطابق صنعتي پارڪن جي قيام ۽ ٽيڪسٽائل ۽ گهريلو اوزارن جي شعبن ۾ صنعتي تعاون جا نمائشي منصوبا شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. فریقین جنوري 2026 ۾ چين-پاڪستان معدني تعاون فورم جي ڪاميابي کي ساراهيو ۽ معدنيات، تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ ترقي ۾ تعاون وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.
ٻنهي ملڪن چين ۾ هڪ هزار نوجوان پاڪستاني زرعي ماهرن جي تربيت مڪمل ٿيڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو. پاڪستان شانشي، هوبئي، سيچوان ۽ هائنان صوبن جي حمايت کي ساراهيو. چين پاڪستان جي زرعي پيداوار وڌائڻ، چيني ڪمپنين جي زرعي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪرڻ ۽ پاڪستاني زرعي شين جي چيني منڊي تائين رسائي آسان بڻائڻ تي متفق ٿيو.
ٻنهي ملڪن معيشت، واپار، توانائي، ڊجيٽل معيشت، ماليات، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي جدت، مصنوعي ذهانت، معلومات ۽ رابطن، آبي وسيلن ۽ بحري معاملن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. فریقین صنعتي ۽ سپلاءِ چينز جي استحڪام ۽ سلامتي جي تحفظ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي به متفق ٿيا. پاڪستان چين جي ان فلسفي کي ساراهيو ته ماڻهن کي صرف مڇي نه ڏني وڃي پر مڇي پڪڙڻ به سيکاريو وڃي.
پاڪستان ۽ چين انفراسٽرڪچر، زراعت، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ ننڍا پر خوبصورت عوامي ڀلائي جا منصوبا شروع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. چين 2025 کان 2029 تائين پاڪستان لاءِ 3000 تربيتي موقعا فراهم ڪندو. ٻئي ملڪ تعليمي ۽ ثقافتي تبادلن، ڀيڻ صوبن ۽ شهرن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وسيع ڪندا.
چين ٻن پاڪستاني خلا بازن کي تربيت لاءِ ڀليڪار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هڪ پاڪستاني خلا باز جلد چيني خلائي اسٽيشن ۾ وڃڻ وارو پهريون غير ملڪي خلا باز بڻجندو. ٻئي ملڪ پرامن ۽ باهمي فائدي واري انداز ۾ خلائي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيندا.
چين پاڪستان سان گڏجي GSI تي مڪمل عملدرآمد، پاڪ-چين سيڪيورٽي پارٽنرشپ جي قيام، ٻه طرفي ۽ گهڻ طرفي انسدادِ دهشتگردي تعاون ۽ فوجي تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ملي سگهي.