لبيڪ اللهم لبيڪ! حج جو رڪنِ اعظم ”وقوفِ عرفه“ اڄ ادا ڪيو ويندو۔

فہرستِ مضامین

مڪه مڪرمہ: سعودي عرب ۾ مناسڪِ حج جو سلسلو جاري آهي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل لکين مسلمان اڄ وقوفِ عرفه لاءِ وڏن قافلن جي صورت ۾ ميدانِ عرفات روانا ٿيندا۔

پهرئين مرحلي ۾ حاجي سڳورا قافلن جي صورت ۾ مڪه مڪرمہ کان منيٰ پهتا، جتي هنن ظهر، عصر، مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون ادا ڪيون۔ حج پانڌيئڙن سڄي رات منيٰ ۾ قيام دوران گهڻو وقت عبادتن، ذڪر ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ۾ گذاريو۔

منيٰ ۾ روح پرور منظر ڏسڻ ۾ آيا ۽ فضا “لبيڪ اللهم لبيڪ” جي صدائن سان گونجي اٿي آهي۔

اڄ 9 ذوالحج تي حج جو رڪنِ اعظم “وقوفِ عرفه” ادا ڪيو ويندو، حج پانڌيئڙا ميدانِ عرفات ۾ گڏ ٿيندا جتي مسجدِ ۾ خطبوءِ حج ٻڌندا ۽ ظهر ۽ عصر جون نمازون گڏ ادا ڪندا۔

ميدانِ عرفات ۾ سج لهڻ تائين الله پاڪ جي حضور توبه استغفار ۽ دعائن جو سلسلو جاري رھندو۔

سج لهڻ کان فوراً پوءِ حج پانڌيئڙا عرفات کان مزدلفه لاءِ روانا ٿيندا، جتي حاجي سڳورا کليل آسمان هيٺ رات گذاريندا۔ مزدلفه ۾ مغرب ۽ عشاءَ جون نمازون گڏ ادا ڪيون وينديون ۽ جمرات (شيطانن) کي هڻڻ لاءِ پٿريون گڏ ڪيون وينديون۔

10 ذوالحج جي صبح حج پانڌيئڙا مزدلفه کان ٻيهر منيٰ پهچندا، جتي وڏي شيطان کي پٿريون هنيون وينديون، جنهن بعد قرباني ڪري وار ڪترايا ويندا ۽ احرام کوليو ويندو۔ ان کان پوءِ حاجي مڪه مڪرمہ وڃي طوافِ زيارت ادا ڪندا ۽ واپس منيٰ موٽي ايندا۔

منيٰ ۾ قيام دوران حاجي سڳورا باقي ٻن ڏينهن تائين به شيطانن کي پٿريون هڻڻ جو عمل (رمي) جاري رکندا ۽ 12 ذوالحج تي سج لهڻ کان اڳ منيٰ کان روانا ٿيندا، جنهن سان حج جا سمورا مناسڪ مڪمل ٿي ويندا۔

سعودي حڪومت سخت گرمي ۽ مٽيءَ جي طوفانن جي خدشي کي نظر ۾ رکندي ميدانِ عرفات ۽ ڀرپاسي ۾ خاص انتظام ڪيا آهن۔ منصوبي تحت وڻ لڳايا ويا آهن، ڇانوَ وارا شيڊ ۽ جديد ڪولنگ فينز نصب ڪيا ويا آهن، جيڪي پاڻيءَ جي ڦوھارن ذريعي ماحول کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ڏيندا۔

حج پانڌيئڙن جي سهولت لاءِ ميدانِ عرفات ۾ خاص راهدارين جو به انتظام ڪيو ويو آهي، جيڪي اهڙي لچڪدار مواد سان ٺاهيون ويون آهن جو هلڻ دوران ٿڪ گهٽ محسوس ٿئي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں