اقوام متحده جي سلامتي ڪونسل پاڪستان جي تيار ڪيل سالياڻي رپورٽ کي گڏيل طور منظور ڪري ورتو آهي۔
پاکستان جي سفير عاصم افتخار جو چوڻ آهي ته اقوام متحدہ جي سلامتي ڪونسل پاڪستان جي تيار ڪيل سالياڻي رپورٽ کي گڏيل طور منظور ڪري ورتو آهي۔
سفير عاصم افتخار مطابق، رپورٽ علائقائي بحرانن ۽ موضوعاتي معاملن تي ڪاررواين کي نمايان ڪري ٿي۔
هن وڌيڪ ٻڌايو ته، رپورٽ ۾ عالمي تڪرارن، امن ۽ سلامتي، ۽ انساني بحرانن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ امن مشن، تڪرارن جي حل ۽ عالمي تعاون تي زور ڏنو ويو آهي۔