لاهور: عيد الاضحیٰ تي شهرين لاءِ خوشخبري، حڪومت پئٽروليم شين جي قيمتن ۾ گھٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
حڪومت طرفان پئٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 80 پيسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آھي.
پئٽروليم وزارت جي ذريعن مطابق عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي باوجود پاڪستان اندر قيمتن ۾ گھٽتائي ڪئي پئي وڃي.
پئٽروليم شين جون نيون قيمتون رات جي 12 وڳي کان نافذ ٿينديون، پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ڪمي جو نوٽيفڪيشن ٿوري دير ۾ جاري ڪيو ويندو.
واضح رھي ته گذريل جمعي تي به حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ في لٽر 5 رپيا گهٽ ڪيو هو.