مان اسرائيل جو وزيراعظم بہ بڻجي سگھان ٿو: ٽرمپ جي حيران ڪندڙ دعويٰ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ھڪ بيان ۾ چيو آھي تہ صدارت بعد اسرائيل وڃي وزارت اعظميٰ جي چونڊ بہ وڙھي سگھان ٿو.

ميڊيا بريفنگ دوران ٽرمپ دعويٰ ڪئي تہ اسرائيل ۾ منھنجي مقبوليت انتھائي زيادھ آھي، ھن وقت اسرائيل ۾ منھنجي مقبوليت 99 سيڪڙو آھي، مان تہ اتي وزيراعظم لاءِ بہ اليڪشن وڙھي سگھان ٿو.

ٽرمپ چيو تہ شايد ھي سڀ ڪرڻ بعد مان اسرائيل ھليو وڃان ۽ اتي جو وزيراعظم ٿيڻ جي ڪوشش ڪيان، اڄ صبح مون وٽ ھڪ پول آيو، جنھن ۾ منھنجي مقبوليت 99 سيڪڙو ھئي.

اھو بيان اھڙي وقت سامھون آيو جڏھن ٽرمپ ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياھو وچ ۾ ايران بابت وڌندڙ ڇڪتاڻ تي اھم ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آھي.

ٽرمپ گفتگو دوران نيتن ياھو جو دفاع بہ ڪيو ۽ دعويٰ ڪئي تہ اسرائيلي عوام پنھنجي وزيراعظم سان مناسب رويو اختيار نہ ڪري رھي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں