آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، بابر ۽ نسيم جي واپسي، ڪيترائي نوان رانديگر بہ شامل

فہرستِ مضامین

آسٽريليا سان ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچز جي سيريز لاءِ پاڪستان جي 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو.

پي سي بي مطابق شاھين شاھ آفريدي آسٽريليا جي خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو. ان کان علاوھ احمد دانيال، عرفات منھاس ۽ روحيل نذير کي قومي ون ڊي انٽرنيشنل اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آھي.

بابر اعظم، نسيم شاھ، شاداب خان ۽ سفيان مقيم جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي آھي، محمد غازي غوري ۽ روحيل نذير کي اسڪواڊ ۾ وڪٽ ڪيپر بيٽرز جي طور تي شامل ڪيو ويو.

عثمان خان بيماري سبب آسٽريليا لاءِ غور ھيٺ نہ آيو، جڏھن تہ فخر زمان ۽ صائم ايوب انجري سبب بدستور ري ھيبليٽيشن پروگرام جاري رکندو.

ان کان علاوھ فھيم اشرف، فيصل اڪرم، حسين طلعت، محمد رضوان وسيم جونيئر ۽ سعد مسعود کي ڊراپ ڪيو ويو آھي.

قومي اسڪواڊ:

آسٽريليا سان ون ڊي انٽرنيشنل سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ ۾ شاھين شاھ آفريدي (ڪپتان)، سلمان علي آغا  (نائب ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال ۽ عرفات منھاس، بابر اعظم، معاذ صداقت، محمد غازي غوري، نسيم شاھ ۽ روحيل نذير بہ شامل آھن.

حارث رئوف، صاحبزادھ فرحان، شاداب خان، شمائل حسين ۽ سفيان مقيم بہ آسٽريليا سان 16 رڪني اسڪواڊ جو حصو آھن.

واضح رھي تہ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽي ون ڊي انٽرنيشنل ميچز جي سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاھور ۾ کيڏي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں