محسن نقوي جي ايراني پرڏيھي وزير سان ملاقات

فہرستِ مضامین

ايران جي دوري تي ويل گھرو وزير محسن نقوي ايراني پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي آھي.

ايراني سرڪاري ميڊيا مطابق ٻنھي اڳواڻن ملاقات ۾ ٻہ طرفي تعلقات ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

محسن نقوي ۽ عباس عراقچي وچ ۾ ھڪ ھفتي کان بہ گھٽ عرصي ۾ ھيءَ ٻي ملاقات آھي.

گھرو وزير جي گذريل ڏينھن ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سميت ايران جي اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري ڳالھين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

محسن نقوي جو ھڪ ھفتي ۾ ايران جو ھيءَ ٻيو دورو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں