پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي چوٿين ڏينھن مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1.79 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آھي.
مارڪيٽ ۾ 2950 پوائنٽس جي اضافي بعد 100 انڊيڪس ھڪ لک 67 ھزار 782 پوائنٽس جي سطح تي پھچي ويو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ معمولي گھٽتائي ڏٺي وئي.
ھڪ پئسي جي گھٽتائي بعد ڊالر 278.55 رپين تي ٽريڊ ڪري رھيو آھي.
واضح رھي تہ گذريل ڪاروباري ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278.56 رپين تي بند ٿيو ھو.