ايران آبناءِ ھرمز تي ڪنٽرول وڌيڪ سخت ڪندي ھڪ نئون ڪنٽرولڊ ميري ٽائيم زون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، جنھن تحت گذرندڙ بحري جھازن کي اڳواٽ اجازت حاصل ڪرڻي پوندي.
ايران جي خليج فارس اسٽريٽ اٿارٽي ايڪس تي جاري بيان ۾ ٻڌايو تہ ايران آبناءِ ھرمز ۾ ڪنٽرول زون قائم ڪري ڇڏيو آھي.
بيان ۾ چيو ويو آھي تہ ام القوين کان قشم جزيري تائين سامونڊي حدن جي نئين لائن مقرر ڪئي وئي آھي.
اٿارٽي مطابق ان علائقي مان ڪنھن بہ قسم جي بحري اچ وڃ جي لاءِ اٿارٽي سان رابطو ۽ اجازت لازمي ھوندي، جيڪو دنيا جي سڀ کان اھم بحري تجارتي گذرگاھن مان ھڪ تي ايران جي سخت ڪنٽرول جي نشاندھي ڪري ٿو.
ان کان اڳ ايران جي پاسداران انقلاب آبناءِ ھرمز تي انتظامي اختيار لاءِ پرشين گلف اسٽريٽ اٿارٽي جي قيام جو اعلان ڪري چڪي آھي.
پاسداران انقلاب جو چوڻ ھو تہ ايران طرفان ان آبي رستي ۾ بحري ٽريفڪ جو انتظام سنڀالڻ بعد آبناءِ ھرمز تان گذرندڙ تمام فائبر آپٽڪ ڪيبلز ايران جي نگراني، اجازت نامي ۽ ٽول فيس جي اختيارن جي دائري ۾ ھوندا.
رپورٽس مطابق آبناءِ ھرمز ۾ سمنڊ جي اندر وڇايل مواصلاتي نيٽ ورڪ روزانو 10 ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي عالمي مالياتي ڏي وٺ جي ڊيٽا منتقل ڪري ٿو.