اسلام آباد: پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي تعلقات جي قيام جي 75ھين سالگرھ جي موقعي تي صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف چين جي قيادت ۽ عوام خاص طور صدر شي جنگ پنگ کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آھي.
صدر آصف علي زرداري پنھنجي پيغام ۾ چيو تہ گذريل 75 سالن دوران پاڪ چين تعلقات پائيدار دوستي، گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ تعاون ۽ ھڪٻئي جي بنيادي مفادن لاءِ بي لوث حمايت جي شاندار مثال بڻجي چڪا آھن، تبديل ٿيندڙ علائقائي ۽ عالمي حالتن جي باوجود ٻنھي ملڪن ھميشہ يڪجھتي جو مظاھرو ڪيو آھي.
ھن چيو تہ پاڪ چين اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل شراڪتداري مسلسل مضبوط ٿي رھي آھي جيڪا خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ھڪ اھم ٿنڀ آھي، پاڪستاني عوام ان مثالي دوستي تي فخر ڪري ٿي جنھن جي آبياري ٻنھي ملڪن جي قيادت ۽ عوام گڏيل طور تي ڪئي آھي.
ھن وڌيڪ چيو تہ صدر شي جن پنگ جي بصيرت انگيز قيادت ۾ چين جديديت، جدت، غربت جي خاتمي ۽ قومي ترقي ۾ غير معمولي ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن، پاڪستان چين جي عالمي قدمن جيئن گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشيٽو، گلوبل سويلائزيشن انيشيٽو ۽ گلوبل گورنسس انيشيٽو کي قدر جي نظر سان ڏسن ٿا جيڪو عالمي امن، پائيدار ترقي ۽ بين الاقوامي تعاون کي ھٿي ڏيڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھيو آھي.
صدر چيو تہ پاڪستان انھن قدمن کي علائقائي ھم آھنگي، گڏيل خوشحالي ۽ گھڻ طرفي تعاون جي ويزن جي عين مطابق سمجھي ٿو، ھن چين طرفان پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ بي لوث حمايت جي بہ ساراھ ڪئي.
ھن واضح ڪيو تہ پاڪستان ون چائنا اصول تي مضبوطي سان ڪاربند آھي ۽ چين جي بنيادي مفادن بابت تمام معاملن تي ان جي حمايت جاري رکندو.
صدر مملڪت گلوبل سائوٿ لاءِ چين جي قيادت ۽ مغربي ايشيا ۾ تڪرارن جي حل لاءِ ان جي مثبت ڪردار جي بہ ساراھ ڪئي، ھن پنھنجي تازي دورن دوران چين طرفان ڏنل شاندار مھمان نوازي تي ٿورا مڃيا ۽ چيو تہ ٻنھي ملڪن جي دوستي تعلقات کي ھڪ منفرد سڃاڻپ ڏني آھي.
ھن چيو تہ انھن دوران سان چين پاڪستان اقتصادي راھداري (سي پيڪ) جي ٻئي مرحلي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ توانائي، زراعت، ٽيڪنالوجي، ماحول دوست توانائي، سياحت ۽ عوامي رابطن جھڙن شعبن ۾ نيون راھون کولڻ جي عزم کي طاقت ملي آھي.
ٻئي طرف وزيراعظم شھباز شريف پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي تعلقات جي قيام جي 75ھين سالگرھ جي موقعي تي خصوصي پيغام جاري ڪيو آھي.
وزيراعظم شھباز شريف ان تاريخي موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي عوام کي دل جي گھرائين سان مبارڪباد پيش ڪندي چيو تہ ٻنھي ملڪن جا تعلقات گڏيل اعتماد، دوستي ۽ تعاون جي روشن مثال آھن.
ھن چيو تہ پاڪستان جو عوام چين لاءِ حقيقي طور تي عزت، احترام ۽ دلي محبت جا جذبا رکي ٿو، جڏھن تہ ٻئي ملڪ ھر مشڪل وقت ۾ ھڪٻئي جو ساٿ ڏيندا رھيا آھن.
وزيراعظم جو چوڻ ھو تہ پاڪستان ۽ چين جي دوستي وقت سان وڌيڪ مضبوط ٿي آھي ۽ ٻنھي ملڪن مختلف شعبن ۾ ويججھو تعاون جاري رکيو آھي.