ايران جي جواب جو ڪجھ ڏينھن انتظار ڪنداسين، معاھدو ٿيڻ تائين ڪو رليف فراھم نہ ڪيو ويندو: ٽرمپ

فہرستِ مضامین

واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آھي تہ معاھدو ٿيڻ تائين ايران کي ڪو رليف فراھم نہ ڪيو ويندو، ايران جي جواب جو ڪجھ ڏينھن انتظار ڪنداسين.

ميڊيا سان ڳالھائيندي آمريڪي صدر چيو تہ ايران کي معاھدو ڪرڻو پوندو نہ تہ ھو ڄاڻي ٿو ڇا ٿيڻو آھي، ايران سان معاملن ۾ جلد بازي نہ ڪنداسين، ،تھران ڊيل ڪري وٺي ٿو تہ اھو سڀني لاءِ سٺو ھوندو، اسان ڪا بہ ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، ايران ۾ ذھين ماڻھن سان رابطي ۾ آھيون، اسان کي درست جواب حاصل ڪرڻو پوندو.

ھن دعويٰ ڪئي تہ ايران ڊيل ڪرڻ لاءِ بيتاب آھي، سان گڏ ٽرمپ ڌمڪي بہ ڏني تہ جيڪڏھن ايران سان ڊيل نہ ٿي تہ آمريڪا ٻيھر حملو ڪري سگھي ٿو، ايران ۾ ماڻھن جي حالت انتھائي خراب آھي، ايران جي اندر بدترين معاشي صورتحال سبب عوام ۾ شديد ڪاوڙ آھي.

ٽرمپ جو چوڻ ھو تہ ايران جنگ کي اڃا 3 مھينا ٿيا آھن، ان ۾ بہ وڌيڪ وقت سيز فائر جو آھي، آبناءِ ھرمز کي بہ کولي ڇڏينداسين پر مون کي ڪا تڪڙ ناھي، ايران بدترين شڪست کي منھن ڏنو آھي، ايران کي تباھ ڪيو ويو آھي، ايندڙ ڏينھن ۾ وڌيڪ شيون ڏسندا، ايران سان معاھدي تي تڪڙ ناھي.

ڪيوبا جو ذڪر ڪندي ٽرمپ چيو تہ ڪيوبا ھڪ ناڪام رياست آھي، ڪيوبا جي حالت تمام خراب آھي، اتان جي عوام مشڪلات جو شڪار آھي، اسان کي ڪيوبا جي عوام جي مدد ڪرڻي پوندي.

ڊونلڊ ٽرمپ چيو تہ ايران کي ھڪ سٺي معاھدي جي پيشڪش ڪئي آھي، ايران سان ڊيل نٿي ٿئي تہ آمريڪا ٻيھر حملو ڪري سگھي ٿو.

ھن چيو تہ ايران جي معاملي تي منھنجي يا نيتن ياھو وچ ۾ اتفاق آھي، نيتن ياھو کي جيڪو چونداسين اھو ڪندو، اسان کي آبناءِ ھرمز کولڻو پوندو پر ان ۾ ڪا تڪڙ ناھي، چيني صدر سان تمام سٺي ملاقات ٿي ۽ ان دوران اھم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، شي جن پنگ سٺو ماڻھو آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں