آمريڪا ايران ڳالھين جون ڪوششون، محسن نقوي 24 ڪلاڪن اندر ٻيو ڀيرو ايران پھچي ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: وفاقي گھرو وزير محسن نقوي 24 ڪلاڪن جي اندر ٻيو ڀيرو اھم دوري تي تھران پھچي ويو.

ذريعن مطابق محسن نقوي آمريڪا ايران ڳالھين بابت ايراني قيادت سان ملاقاتون ڪندو.

ياد رھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ بہ گھرو وزير محسن نقوي ايران جو دورو ڪيو ھو جتي ھن ايراني صدر مسعود پزشڪيان، محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيھي وزير عباس عراقچي سان ملاقاتون ڪيون ھيون.

سفارتي ذريعن مطابق گھرو وزير محسن نقوي ايراني عملدارن سان ملاقات ۾ ٻہ طرفن تعلقات ۽ وچ اوڀر جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ھئي.

محسن نقوي ايران کان سڌو بلوچستان پھتو ھو جتي وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير بہ موجود ھئا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں