سلھٽ ٽيسٽ ۾ قومي ٽيم کي شڪست، بنگلاديش پاڪستان کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

فہرستِ مضامین

بنگلاديش سلھلٽ ٽيسٽ ۾ 78 رنز سان شڪست ڏئي پاڪستان کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو.

پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ سلھٽ ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينھن بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 3 وڪيٽون گھربل ھيون جڏھن تہ پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 121 رنز جي ضرورت ھئي.

ٽيسٽ ميچ جي پنجين ڏينھن پاڪستان ٽيم 437 جي ھدف جو پيڇو ڪندي 359 ٺاھي آل آئوٽ ٿي وئي ۽ اھڙي طرح بنگلاديش قومي ٽيم کي 78 رنز تان شڪست ڏني.

بنگلاديش ٽيسٽ ٽيم تاريخ رقم ڪندي پاڪستان ٽيم کي ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ڪلين سوئپ ڪري ڇڏيو.

مھمان ٽيم پاڪستان کي پھريان ٽيسٽ ۾ ڍاڪا ۾ 104 رنز جڏھن تہ ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ ۾ سلھٽ ۾ 78 رنز سان شڪست کي منھن ڏيڻو پيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں