واشنگٽن: ايران پاليسي تي ٽرمپ انتظاميہ جي خلاف آمريڪي سينيٽ ايران جي آسپاس قائم ناڪابندي ختم ڪرڻ ۽ آمريڪي فوجي دستن کي واپس گھرائڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪري ورتي.
عالمي سياست ۽ معيشت تي اثرانداز ٿيندڙ ھن فيصلي کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميہ جي لاءِ ھڪ وڏو سياسي ڌچڪو قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيھي ميڊيا مطابق سينيٽ ۾ ان حساس معاملي تي ٿيندڙ ووٽنگ دوران قرارداد جي حق ۾ 50 جڏھن تہ مخالفت ۾ 47 ووٽ آيا.
ميڊيا رپورٽس ۾ واضح ڪيو ويو آھي تہ سينيٽ جو اھو فيصلو ان ڳالھ جي واضح علامت آھي تہ ٽرمپ انتظاميہ ايران جي خلاف غير مقبول جنگي حڪمت عملي کي منھن ڏيڻ ۾ ناڪام رھي آھي، ماھرن موجب ان جنگي صورتحال سبب نہ صرف آمريڪا پر عالمي معيشت کي بہ لڳ ڀڳ اڌ ٽريلين ڊالر جو شديد مالي نقصان کڻڻو پيو آھي.
سينيٽ مان منظوري بعد ھاڻ اھا قرارداد ھن ئي ھفتي آمريڪي ايوان (ھائوس آف ريپريزنٽيٽوز) ۾ ووٽنگ جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.
سياسي تجزئيڪارن جو چوڻ آھي تہ پارليامينٽ مان بہ ان قرارداد جي منظوري جا امڪان آھن، ڇو تہ ان کان اڳ ايران جي معاملي تي ٿيندڙ ووٽنگ ٽائي (برابر) ٿي وئي ھئي، جنھن جو سبب قرارداد جي حامي ڪجھ ميمبرن جي طبي سببن جي ڪري غير حاضري ھئي.
رپورٽ مطابق آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن جي ھڪ وڏي انگ جو موقف آھي تہ ايران جي خلاف ڪنھن بہ قسم جي جنگي قدمن جي لاءِ ڪانگريس جي باقاعدھ منظور کي لازمي بڻايو وڃي.