اسلام آباد: وفاقي ناڻي واري وزارت طرفان ايندڙ مالي سال مھانگائي جي شرح 8.6 سيڪڙو رھڻ جي اڳڪٿي ڪئي آھي.
تفصيل مطابق پاڪستان ۽ دورو ڪندڙ آءِ ايم ايف جي مشن وچ ۾ مجموعي معاشي فريم ورڪ تي وسيع پئماني تي اتفاف ٿي ويو آھي.
رپورٽ مطابق ناڻي واري وزارت ايندڙ بجيٽ 27-2026 جي لاءِ حقيقي جي ڊي پي شرح نمو 4.1 ۽ سراسري سي پي آءِ بنياد تي مھانگائي جي شرح 8.6 سيڪڙو رھڻ جي اڳڪٿي ڪئي آھي.
ان کان اڳ آءِ ايم ايف پھريان ئي ايندڙ بجيٽ جي لاءِ جي ڊي پي جي 2 سيڪڙو جي برابر يعني 2.9 کرب رپيا پرائمري سرپلس جي شرط لاڳو ڪري چڪو آھي.
ٻئي طرف ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب گذريل ڏينھن چئني ناڻي وارن صوبائي وزيرن ۽ انھن جي معاشي ٽيمن سان ورچوئل اجلاس ڪيو ۽ صوبن تي زور ڏنو تہ اھي اضافي روينيو قدمن تي ڌيان ڏين تہ جيئن ايندڙ مالي سال 27-2026 ۾ گھربل پرائمري سرپلس حاصل ڪري سگھجي.
سرڪاري ذريعن جو چوڻ آھي تہ پاڪستاني عملدارن آءِ ايم ايف ٽيم سان ايندڙ مالي سال جي لاءِ 4.1 سيڪڙو حقيقي جي ڊي پي گروٿ جي تجويز تي ڳالھيون ڪيون جڏھن تہ فنڊ 3.5 سيڪڙو شرح نمو جي اڳڪٿي ڪئي ھئي.