پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي ٻئي ڏينھن تيزي ڏٺي پئي وڃي.
بازار حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1644 پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 63 ھزار 449 پوائنٽس تي اچي ويو.
ھينئر تائين ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 63 ھزار 33 پوائنٽس جي ھيٺئين سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 64 ھزار 309 جي بلند سطح تائين بہ ويو.
واضح رھي تہ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 61 ھزار 805 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 3 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 57 پئسن جو ٿي ويو.
گذريل ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 60 پئسن تي بند ٿيو ھو.